اسلام آباد – 15 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته جمهوري حڪومت ۽ پارٽي هجڻ جي ناطي اسان مخالف ڌر کي فيملي لميٽيڊ ڪمپني ڪرپشن جي بچاءُ ل??ءِ جناح اسٽيڊيم ۾ پنڊال سجائڻ جي باقاعده اجازت ڏني آهي، عوام کي تنگ ڪرڻ جي ل??ءِ روڊن ??ي ڪنهن به صورت ۾ جلسي ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، اسان به ماضي ۾ اسٽيڊيم جي اندر جلسا ڪيا، ڪڏهن عوام کي تنگ ڪرڻ جي سياست ناهي ڪئي، مخالف ڌر کان به اهڙي ئي اميد رکون ٿا، پنهنجي وڊيو پيغام ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته فيملي لميٽيڊ ڪمپني ڪرپشن جي بچاءُ ل??ءِ جيڪو پنڊال سجائي رهي آهي ان جي ل??ءِ جمهوري حڪومت ۽ پارٽي هُجڻ جي ناطي مخالف ڌر کي جلسي جي اجازت ڏني آهي، مخالف ڌر کي چئلينج ڪريون ٿا ته هو جناح اسٽيڊيم کي ڀرين جيڪڏهن عوام کي تنگ ڪرڻ ل??ءِ روڊن تي ??لسو ڪيو ته انهن کي ان جي هر گز اجازت نه ڏني ويندي.