اسلام آباد – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز تي حملي ??ي سخت مذمت ڪريون ٿا، قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ هٿياربند فوج سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ليفٽيننٽ ناصر حسين خالد، نائيڪ محمد عمران ۽ سپاهي عث??ان اختر کي ملڪ خاطر جام شهادت نوش ڪرڻ تي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا، انهن جي درجن جي بلندي لاءِ دعاڳو آهيون.