اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان مقامي حڪومت کي جمهوريت جو بنيادي ڍانچو قرار ڏيندي لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي ??نج??ب ۾ بلدياتي چونڊن جي فوري انعقاد جي ??اء?? قدم کڻن. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ??نج??ب ۾ بلدياتي معاملن بابت اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسد عمر، فواد چوڌري، شفقت محمود، مخدوم خسرو بختيار، غلام سرور خان، چوڌري طارق بشير چيما، مونس الاهي، ??نج??ب جي خوراڪ واري وزير عبدالعليم خان ۽ لاڳاپيل سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. ??نج??ب جي بلديات واري وزير ميان محمود الرشيد وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ??نج??ب حڪومت وزيراعظم کي صوبي ۾ نئين لوڪل گورنمينٽ ماڊل تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم عمران خان ان ڳالهه تي زور ڏنو ته مقامي حڪومت جمهوريت جو بنيادي ڍانچو آهي. هن ان ڳالهه ک?? ورجايو ته مضبوط بلدياتي نظام کانسواءِ جمهوريت نامڪمل آهي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي بلدياتي نمائندن جي سڌوسنئون چونڊن کي يقيني بڻائين ۽ ??نج??ب ۾ بلدياتي چونڊون فوري طور تي ڪرائڻ جي ??اء?? قدم کڻن.