اسلام آباد_12 سيپٽمبر (اي پي پي)پ??ڏي??ي وزير مخدوم شاه محمود قريشي چيو ??هي ته پاڪستان ??نم??رڪ سان ٻه طرفا لڳاپن کي خاص اهميت ڏئي ٿو، ??نم??رڪ جي حڪومت پاڪستان ۾ سيڪيورٽي ۽ وبائي صورتحال ۾ بهتري ڏسندي پاڪستان لاءِ سفري هدايت نامي تي نظر ثاني ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??نم??رڪ جي پ??ڏي??ي وزير جيب ڪوفوڊ سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو، ٻنهي پ??ڏي??ي وزيرن وچ۾ ٻه طرفا لاڳاپن ۽ افغانستان جي موجوده صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي،مخدوم شاه محمود قريشي چيو ته پاڪستان، ??نم??رڪ سان ٻه طرفا لاڳاپن کي خاص اهميت ڏئي ٿو ۽ انهن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جو خواهشمند آهي، هن پنهنجي ??نم??رڪ جي هم منصب کي افغانستان سان مختلف ملڪن جي سفارتي عملي، عالمي تنظيمن، ميڊيا ۽ ٻين ماڻهن کي محفوظ طريقي سان ڪڍڻ لاءِ پاڪستان جي مدد کان آگاه ڪيو، ??نم??رڪ جي پ??ڏي??ي وزير جيب ڪوفوڊ ڪابل مان ??نم??رڪ جي شهرين کي حفاظت سان ڪڍڻ ۾ ڀرپور مدد جي فراهمي تي پ??ڏي??ي وزير مخدوم شاه محمود قريشي جو شڪريو ادا ڪيو، شاه محمود قريشي ??نم??رڪ جي حڪومت تي زور ڀريو ته پاڪستان ۾ سيڪيورٽي۽ وبائي صورتحال ۾ بهتري کي ڏسندي پاڪستان لاءِ سفري هدايت نامي تي نظر ثاني ڪري، ان موقعي تي هن پنهنجي هم منصب کي پاڪستان جي سرڪاري دوري جي دعوت ڏني، جنهن کي هن شڪريو ادا ڪندي قبول ڪيو ۽ جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جو اشارو ڏنو، جڏهن ته هن پڻ مخدوم شاه محمود قريشي کي ??نم??رڪ جي دوري جي دعوت ڏني.