اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان چيو آهي ته پرامن ۽ مستحڪم افعانستان پا??ست??ن ۽ خطي جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي، افغانستان م سيڪيورٽي صورتحال جي بهتري، انساني ضرورتن ۽ اقتصادي استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ عالمي برادري پاران هنگامي بنيادن تي قدمن جي ضرورت آهي. اهي ڳالهيون هن پا??ست??ن جي دوري تي ايل جرمن پرڏيهي وزير بائڪو ماس سان ڳالهائيندي ڪيون جنهن وزي??اع??م هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران افغانستان جي صورتحال ۽ پاڪ جرمن ٻطرفن لاڳاپن جي حوالي سان معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزي??اع??م ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان پا??ست??ن ۽ خطي جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. وزي??اع??م چيو ته افغانستان جي تاريخ جي ان اهم لمحن ۾ عالمي برادري جي لاءِ ضروري آهي ته اها افغان عوام سان يڪجهتي ۽ تعاون ڪري. ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ افغانستان سان پائيدار رابطن جي ضرورت آهي. وزي??اع??م عمران خان چيو ته پا??ست??ن ۽ جرمني کي علائقائي امن ۽ استحڪام بابت گڏيل مفادن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. جرمن پرڏيهي وزير بائڪو ماس وزي??اع??م عمران خان کي جرمن چان??لر انجيلا مارڪل پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو ۽ افغانستان ۾ صورتحال بابت جرمني جي موقف کان آگاهه ڪيو. بائيڪو ماس افغانستان مان جرمن شهرين جي انخلا ۾ تعاون تي پا??ست??ن جا ٿورا مڃيا. پرڏيهي وزير بائيڪو ماس هلندڙ سال دوران پا??ست??ن جرمن سفارتي لاڳاپن جي سترهين سالگرهه جي حوالي سان تقريبن کي پڻ اجاگر ڪيو.