لاهور – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته چونڊ سڌارن تي حڪومت مخالف ڌ?? کي ڳالهين جي دعوت ڏني، مخالف ڌر پارٽين کي هڪ ٻئي جي راءِ ??ي خبر نه آ??ي، مسلم لي?? (ن) ۾ قيادت جو جهيڙو آ??ي، پي ڊي ايم ٽڪرا ٽڪرا ٿي چڪي آ??ي، مخالف ڌر پاران ڪنهن به معاملي تي سنجيده تجويزون سامهون نه اچي رهيون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان جي اها ڪوشش رهي آهي ته حڪومت کي مخالف ڌر سان رابطو بڻائڻ گهرجي ۽ ڳالهه ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسان مخالف ڌ?? کي چونڊ سڌارن تي ڳالهين جي دعوت ڏني ۽ چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي استعمال تي ڳالهه ڪرڻ جي لاءِ ڪميٽي ۾ نالا ڏيو پر ٽي مهينا ٿي ويا آهن مخالف ڌر پاران ڪو نالو اسپيڪ?? کي ناهي مليو، اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي مقرري جي لاءِ نالا ڏين پر اڃا تائين مخالف ڌ?? کي سمجهه نه اچي رهي آهي ۽ اهڙي طرح باقي ڪنهن مسئلي تي به مخالف ڌر جي ڪي راءِ نه آهي. هن چيو ته شهباز شريف، بلاول، مريم بي بي، فضل الرحمان هتان هُتان جو مربو ٺهي ويو آ??ي، هڪ جي راءِ ۽ ٻئي ۽ ٽئين جي راءِ ڪهڙي آهي ڪجهه خبر نه آهي. هن چيو ته پارٽين جي اندر ويڙهه جاري آ??ي، مسلم لي?? (ن) ۾ ٽاس ٿي رهي آهي ته قيادت ڪير ڪندو، هڪ هفتو قيادت شهباز شريف، اڳيون هفتو مريم بي بي ۽ پوءِ ٽاس ٿئي ٿي ته شاهد خاقان عباسي ڪري پوءِ اهو چيو وڃي ٿو ته نواز شريف قيادت ڪندو، حقيقت ۾ مسلم لي?? (ن) جي اندر ويڙهه، جهيڙو ۽ فساد جاري آ??ي، جڏهن اهو طئي ٿيندو ته اهي اڳتي وڌندا. اطلاعات واري وزير چيو ته پي ڊي ايم جو اتحاد اڳ ۾ ئي ٽڪرا ٽڪرا ٿي چڪو آ??ي، مخالف ڌر پاران ڪا سنجيده ڳالهه سامهون نه اچي رهي آ??ي، چونڊ سڌارا، ڪا قانونسازي هجي مخالف ڌر پاران سنجيده ڳالهه ٻولهه نه ڪئي وئي پر اسان انتظار ڪنداسين.