اسلام آباد – 28 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سمورن صوبن تي زور ڏنو آهي ته اهي ر??ند??ن جي بحالي ۽ نوجوانن کي ر??ند??ن جي سهولتن جي فراهمي تي پنهنجو ڌيان ڏين، پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جي فروغ لاءِ احسان ماني جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. ٽوئيٽر تي جاري ٽوئيٽس ۾ وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پنجاب جي اسڪولن ۾ ڪرڪيٽ جي لاءِ خاص طور تي سينٽرل پنجاب ڪرڪي?? ايسوسيئيشن جي ڪوششن جو جائزو وٺندي کيس خوشي ٿي آهي. سڄي پنجاب ۾ 870 اسڪول ۽ 231 ڪاليج گرائونڊز ۽ 355 ر??ند??ن جا ميدان تيار ڪيا ويا آهن. وزيراعظم سمورن صوبن تي زور ڏنو آهي ته اهي ر??ند??ن جي بحالي ۽ نوجوانن کي ر??ند??ن جي سهولتن جي فراهمي تي پنهنجو ڌيان ڏين. وزيراعظم پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين طور پنهنجي 3 سالا مدي ۾ پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جي فروغ لاءِ احسان ماني جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ سندس ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته هو ملڪ ۾ پهريون ڀيرو علائقائي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جو ڍانچو قائم ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ عالمي ڪرڪيٽ جي واپسي ۾ احسان ماني جي ڪردار کي ساراهي ٿو.