اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري و??اق?? وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتخاني کي انٽرنيشنل ميڊيا سميت پوري دنيا ۾ پذيرائي ملي رهي آهي، هيستائين چار هزار جي لڳ ڀڳ ويزا ??اري ڪيا ويا آهن، ??فغ??نستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ اسان جو ڪردار سڀ کان ا??م آهي، ??فغ??نستان جي صورتحال جي حوالي سان سمورين عالمي ۽ علائقائي طاقتن سان اسان جو ويجهو رابطو آهي. پنهنجي وڊيو بيان ۾ ??فغ??نستان جي حوالي سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته ??فغ??نستان ۾ حڪومت سازي اتان جي عوام کي ڪرڻي آهي، اسان جي ڪوشش پرامن ۽ مستحڪم ??فغ??نستان جي لاءِ جاري آهي. اطلاعات واري و??اق?? وزير چيو ته ڪابل ۾ پيدا ٿيل صورتحال جي ڪري صحافين، انٽرنيشنل ميڊيا جي ميمبرن، آءِ ايم ايف، ورلڊ بئنڪ ۽ مختلف سفارتخانن جي عملي جو نڪرڻ مشڪل ٿي ويو هو، پاڪستان ا??ٽرنيشنل ايئرلائين ڪابل کان ا??ڪل 1400 ماڻهن کي ڪڍڻ ۾ سهولت ڏني. هن وقت تائين پاڪستاني سفارتخاني اٽڪل 4 هزار ويزا ??اري ڪيا جڏهن ته 2 هزار جي لڳ ڀڳ ماڻهن کي ڪابل مان ڪڍيو ويو آهي.