لا??ور – 09 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان سان پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور ۽ پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار ملاقات ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پا??ان جاري بيان موجب وزيراعظم گورنر هائوس لا??ور ۾ پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور ۽ پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار سان ملاقات ۾ صوبي ۾ امن امان ۽ عوامي ڀلائي جي ترقيايت منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. پنجاب جي گورنر سان ملاقات ۾ پنجاب جي مجموعي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي جڏهن ته پنجاب جي گورنر وزيراعظم کي ڪشمير اليڪشن ۾ وڏي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني. پنجاب جي گورنر وزيراعظم کي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ ??اڪستانين جي حڪومت جي پاليسين تي اعتماد بابت آگاهه ڪندي ٻڌايو ته تمام جلد متوقع اوورسيز ڪنوينشن ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ ??اڪستاني برادري نه رڳو ڀرپور شرڪت ڪندي پر پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ پڻ گهري دلچسپي رکي ٿي. پنجاب جي گورنر وزيراعطم کي اقليتن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ کنيل قدمن تي خراج تحسين پيش ڪندي ڀونگ ۾ جاري مندر جي بح????ي جي ڪم تي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو.