اسلام آباد – 24 جون (اي پ?? پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته انشاءُ الله ايندڙ سال ملڪ مان پوليو جو مڪمل خاتمو ٿي ويندو. هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته بل گيٽس ??ان سندس ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ۽ پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ سندس فائونڊيشن جي مدد تي ان جو ٿورو ادا ڪيو آهي، هن چيو ته گذريل سال ملڪ ۾ پوليو جا 56 ڪيسز سام??ون آيا هئا جڏهن ته هن سال هن وقت تائين پوليو جو صرف هڪ ??يس سام??ون آيو آهي، انشاءُ الله ايندڙ سال ا??ان پوليو جو مڪمل خاتمو ڪري ڇڏينداسين.