اسلام آباد – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه علوي چيو آهي ته ڇاتيءَ جي ڪينسر جي بار?? ۾ ??گاهي پکيڙڻ ۾ ميڊيا، س??شل ميڊيا سميت معاشري ج?? سمورن طبقن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، بيماري ج?? جلد سڃاڻپ سان علاج ممڪن آهي. اها ڳالهه هن هتي فاطمه جناح پارڪ ايف نائين ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي حوالي سان آگاهي واڪ جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي چئي. تقريب جو اهتمام پنڪ ربن ۽ قومي صحت خدمتن ۽ ريگوليشنز واري وزارت ڪيو هو?? ان موقعي تي عورت پارليامينٽرين سميت شاگر??يا??ين، ليڊي هيلٿ ورڪرز ۽ نرسن جو هڪ وڏو تعداد به موجود هو. خاتون اول تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ جي ان واڪ جو مقصد عورتن ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي حوالي سان شعور ۽ آگاهي فراهم ڪرڻ آهي، هن چيو ته عورتن ۾ ڇاتي ج?? ڪينسر جي حوالي سان آگاهي پکيڙڻ سخت ضروري آهي ڇو ته جيڪڏهن بيماري ج?? سڃاڻپ شروعاتي مرحلي ۾ ٿي وڃي ته ان جو علاج ممڪن ٿيندو آهي ان لاءِ اسان کي ان بيمار?? ۾ ??لد سڃاڻپ جي اهميت کي سمجهڻو پوندو.