اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تاز?? انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان ۾ ڪو به ڪورونا جو مريض هن وقت وينٽي ليٽرز تي نه آهي جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي لاءِ مختص ٿيل هڪ هزار 912 وينٽي ليٽرز تي 93 ڪورونا جا مريض آهن، هن وقت سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي ايڪٽو ڪيسز جو تعداد 6 هزار 726 آهي، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا مان صحتياب ٿيندڙ مريضن جو تعداد 2 لک 86 هزار 157 ٿي چڪو آهي. اڱاري ڏينهن اين سي او سي مان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 330 مريضن جا ??يس?? مثبت آيا جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 5 مريض سڄي ملڪ جي اسپتالن ۾ وائرس جي ڪري فوت ٿيا، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 23 هزار 521 ڪورونا ??يس?? ڪيا ويا جنهن ۾ سنڌ ۾ 9 هزار 384، پن??اب ۾ 8 هزار 907، خيبرپختونخوا ۾ 2 هزار 202، اسلام آباد ۾ 2 هزار 253، بلوچستان ۾ 292، گلگت بلتستان ۾ 351، آزاد ڪشمير ۾ 132 ??يس?? ڪيا ويا، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي مريضن جو تعداد 2 لک 99 هزار 233 ٿي چڪو آهي، جنهن مان آزاد ڪشمير ۾ 2 هزار 333، بلوچستان ۾ 13 هزار 321، گلگت بلتستان ۾ 3 هزار 41، اسلام آباد ۾ 15 هزار 762، خيبرپختونخوا ۾ 36 هزار 663، پن??اب ۾ 97 هزار 306 ۽ سنڌ ۾ هڪ لک 30 هزا?? 807 مريض آهن.