اسلام آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم ع??ران خان اسلام آباد ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ بنا ڪنهن منصوبابندي جي آبادي جي پکيڙ جي مسئلي جي حل ۽ صحت ۽ تعليم جي سهولتن جي ترجيحي بنيادن تي فراهمي جي لاءِ قدمن جي هدايت ڪندي چيو آهي ته وفاقي گادي واري شهر کي ماڊل سٽي بڻائڻ تي ڀرپور ڌيان ڏنو وڃي. هو هتي وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ٽرانسپورٽ، پي??ڻ جي صاف پاڻي ۽ ترقياتي منصوبن جي حوالي س??ن اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، اجلاس ۾ منصوبابندي وارو وزير اس?? عمر، گهرو معاملن بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر، خاص مددگار سيد ذوالفقار عباس بخاري، خاص مددگار علي نواز اعواڻ، ايم اين اي راجا خرم شهزاد، سي ڊي اي چيئرمين ۽ ٻيا سينئر آفيسر شريڪ هُئا.