اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان پبلڪ سروس جي نگراني ۾ بهتري لاءِ ٽائيگر فورس جي رضاڪارن کان مدد وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي، خاص مددگار عثمان ڊار مستقبل جي منصوبابندي تي ٻڌل جامع پلان پيش ڪري ڇڏيو، وز??راعظم ٽائيگر فورس جي ذريعي اي گورننس سسٽم آڻڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، وز??راعظم يوٿ پروگرام جي ميڊيا سيل مان جاري بيان موجب وز??راعظم جي صدارت ۾ اجلاس ۾ ٽائيگر فورس اي گورننس پلان تي مشاورت ڪئي وئي آهي، ٽائيگر فورس جا نوجوان مقامي سطح ت?? گورننس جي معاملن کي رپورٽ ڪري سگهندا، ضروري شين جي قيمتن ۽ صحت جي سهولتن بابت عملدارن کي آگاهه ڪي??وي??دو، پناهگاهن، مارڪيٽن، تعليمي ادارن ۽ عوامي جاين تي سروسز جي فراهمي رپورٽ ٿيندي?? ٿاڻي، لينڊ رڪارڊ، ??جلي چوري ۽ عوامي شڪايتن تي به نظر رکي سگهندا، سروسز جي فراهمي کان انڪار يا رشوت جي ڪوشش کي رپورٽ ڪري سگهجي ٿو.