اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ صنعت ۽ پيداوا واري وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته بجلي مهانگي ٿي آهي ۽ ٿيندي ۽ ان جا ذميدار اڳوڻن دورن ۾ ٿيندڙ آءِ پي پيز جا مهانگا معاهدا آهن، شهباز شريف اهڙيون ??الهيون ??ري رهيون آهن جهڙوڪ هو ڪنهن ٻي ملڪ مان آيل هجي، مخالف ڌر اهڙو ڪو دليل پيش نه ڪيو جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ته هي اهل مخالف ڌر آهي ۽ شين جو گهرائي ??ان جائزو وٺندي آهي، سموريون ??الهيون ??وکلي ۽ فقط لفظن جي راند هيون، پريس ڪانفرنس ۾ جن مسئلن جو ذڪر ڪيو اهي انهن جا پنهنجا پيدا ڪيل آهن، عام چونڊن ۾ عوام کين رد ڪري چڪي آهي، ان جو صرف هڪ ئي ايجنڊا هئي جيترو مال بڻائي سگهو ٿا بڻايو، ان مقصد لاءِ هن هر اداري کي ڪمزور ڪيو ۽ مني لانڊرنگ لاءِ مددگار ماڻهو انهن ادارن ۾ ويهاريا، اشرافيا جو طعنو ڏيندڙ جي پريس ڪانفرنس پاڻ اشرافيه جي نمائندگي هئي، ا??ان خيبرپختونخوا ۾ يونيورسل صحت بيمه پروگرام متعارف ڪرائي چڪا آهيون، پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ٻن سالن جي دوران تقريبن 10 ارب ڊالر جا قرض واپس ڪيا، ن ليگ جي دور ۾ عالمي ادارن پاڪستاني معيشت کي ڊائون ??ريڊ ڪيو جنهن کي ا??ان مثبت طرف وٺي آيا آهيون، ن ليگ جي ڪرپشن ۽ غلط پاليسين جي ڪ??ي ا??ان کي معاشي بهتري لاءِ سخت فيصلا ڪرڻا پيا، ا??ان جي دور ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 20 ارب کان گهٽ ٿي ڪري 3 ارب ڊالر تائين اچي ويو آهي، پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ٿيو جيڪو هاڻي مستحڪم آهي، اهڙن خيالن جو اظهار ٻنهي وفاقي وزيرن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس جي دوران ڪيو.