اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان لب??ان جي گادي واري شهر ۾ بيروت ۾ ڌماڪن ۾ وڏي پئماني تي قيمتي جانين جي زيان ۽ هزارين ماڻهن جي زخمي ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اسا?? مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پنهنجي لب??اني ڀائرن سان يڪ??هتي جو اظهار ڪريون ٿا ۽ انهن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ زخمين کي جلد صحتياب ڪري ۽ ڏکويل خاندانن کي صبر جميل عطا فرمائي.