سيالڪوٽ – پهرين م??رچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم جي قائداڻي صلاحيتن سان سندس بيانيي کي سڄي دنيا ۾ پذيرائي ملي رهي آهي، اسان دنيا جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ افغان پناهگير?? کي پناهه ڏئي مديني جي رياست جي عڪاسي ڪئي آهي، اسا?? کي پناهه جي بدلي ۾ 70 ه??ار جانين جا نذرانا پيش ڪرڻا پيا، ڪالهه وارو ٿيندڙ افغان امن م??اهدو پوري قوم جي لاءِ خوشخبري آهي، دنيا پاڪستان جي قرباني?? کي تسليم ڪيو آهي ان م??اهدي سان افغانستان سان گڏوگڏ پوري خطي ۾ امن ٿيندو. هن سيالڪوٽ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته وزيراعظم جو هن قوم ۽ ملڪ سان احساس جو رشتو آهي. وزيراعظم عوام جي تڪليف جي ازالي لاءِ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي آهي ۽ اميد آهي ته ان گهٽتائي جي ڪري ٻين م??نوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي ايندي.