اسلام آباد – 20 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته چونڊن ۾ سياسي فائدن جي لاءِ ميٽرو بس جهڙا منصوبا شروع ڪيا وڃن ٿا، ڪرپشن جي ڪري ملڪ ترقي جي راهه تان هٽي ويو آهي، ريڪوڊڪ جي ٻن خانن جو منافعو 100 ??رب رپيا بڻجي ٿو، جڏهن حڪومت سنڀالي ته سڀ کان وڏو مسئلو ڪرنٽ اڪائونٽ خساري جو هو جيڪو 19 ارب ڊالر هو پر هاڻي ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ختم ٿي ويو آهي، حڪومتي قدمن جي ڪري پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيو آهي، پاليسين ۾ تسلسل سان سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيندو، پاڪستان ۾ خطي ۾ سڀ کان وڌيڪ ترقي جي صلاحيت آهي. اه??ن خيالن جو اظهار هن روانگي واپار ڪ??دڙن ۾ سيلز ٽيڪس ۽ انڪم ٽيڪس جي ريفنڊ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.