اسلام آباد – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت ??صوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان محمد نواز شريف جي صحت بابت پنجاب حڪومت کان تفصيل گهريا آهن، ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايتون ڏنيون آهن ته سندس خاندان جي ماڻهن جي مرضي موجب کين علاج ??ون بهترين سهولتون فراهم ڪيون وڃن.