اسلام آباد – 22 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي سي??سي معاملن واري خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل چيو آهي ته پي ڊي ايم ڪرپٽ پارٽ?? الائنس آهي، بي پناهه ڪرپشن ذريعي ??لڪ کي اونداهين ۾ ڌڪيو ويو، قوم نواز شريف کان ڪرپشن جو حساب گهري رهي آهي، وزيراعظم عمران خان ڇانگا مانگا جي سياست دفن ڪري ڇڏي، هاڻي شفافيت جو راڄ هوندو. (ن) ليگي اڳواڻن جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي خاص معاون چيو ته پي ڊي ايم ڪرپٽ پارٽ?? الائنس آهي، 2008ع کان 2018ع تائين ڪرپشن جو سنهري دور هو، بي پناهه ڪرپشن جي ذريعي ??لڪ کي اونداهين ۾ ڌڪيو ويو. ڊاڪٽر شهباز گل چيو ته موٽرويز جو راڳ آلاپيندڙ نااهلن ان کي گروي رکي قرض ورتو، قوم نواز شريف کان ڪرپشن جو حساب گهري رهي آهي.