گڏيل قومون -10 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتون??و گوتريش غزه پٽي جي مڪمل گهيراءَ تي انتهائي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي، ته غزه ۾ انساني صورتحال اڳ ئي انتهائي سنگين هئي، جيڪا وڌيڪ تيزي سان خراب ٿيندي. هن نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽر ۾ ص??اف??ن کي ٻڌايو ته هو فلسطين جي عوام جي جائز شڪايتن ۽ ??سر??ئيل جي سيڪيورٽي خدشن کي تس??يم ڪري ٿو پر ??وءِ به دهشتگردي جي ڪارروائين ۽ شهرين جي قتل ۽ اغوا جو جواز نه ٿو پيش ڪري سگجي. هن انهن حملن کي فوري طور تي بند ڪرڻ ۽ سمورن يرغمالين کي آزاد ڪرڻ لاءِ پنهنجي اپيل جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته هو غزه ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 500 کان وڌيڪ فلسطينين جي شهادت ۽ 3 هزار کان وڌيڪ زخمين جي خبر بابت انتهائي پريشان آهي. بدقسمتي سان اهو انگ وڌي رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته ??سر??ئيل جون ڪاروائيون جاري آهن. هن چيو ته هو ??سر??ئيل جي جائز سيڪيورٽي خدشن کي تس??يم ڪري ٿو پر ??سر??ئيل کي اهو به ياد ڏيارجي ٿو ته فوجي آپريشن دوران عالمي انساني قانون تي سختي سان عمل ڪيو وڃي.