اسلام آباد_01 جولاءِ(اي پي پي) وزيراعظم شهباز ش??يف قطر جي امير تميم بن خليفه آل ثاني سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ عيدلاضحٰي جون مبارڪون ڏنيون، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ جي جا??ي ڪيل بيان موجب امير قطر پڻ وزيراعظم شهباز ش??يف ۽ پاڪستان جي عوام کي عيد ??ون واڌايون ڏنيون ۽ جوابي خير سگالي وارن جذبن جو اظهار ڪيو، ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ قطر وچ ۾ ٻه طرفا لڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ واري عزم جو اظهار ڪيو، ٻنهي اڳواڻن عالمي ۽ علائقائي اهميت وارن معا??لن تي پڻ ڳالهيون ڪيون ۽ صلاح مشوري وارا رابطا برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو، امير قطر ٽيليفون ڪرڻ ۽ عيد ??و مبارڪون ڏيڻ تي وزيراعظم شهباز ش??يف جو شڪريو ادا ڪيو.