اسلام آباد – 30 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ناليواري اداڪار شڪيل جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سندس لاڏاڻو پاڪ??تا?? جي ڊراما انڊسٽري جي لا??ِ هڪ وڏو نقصان آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته 70ع جي ڏهاڪي کان ان جو نالو پاڪ??تا?? جي ڊراما انڊسٽري جي سنهري دور سان ڳنڍيل آهي، جڏهن ڊراما پنهنجي جاندار ڪردارن ۽ اداڪاري جي ڪر?? ناظرين کي محسور ڪندا هئا. هن چيو ته شڪيل پنهنجي لا??وال ڪردارن ۽ شاندار اداڪاري جن سان منهنجي عمر جي ماڻهن جون قيمتي يادون واڳيل آهن، جي ڪر?? شهرت جي بلندين تي پهتو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جي مغفرت ۽ درجا بلند ڪر?? ۽ گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي.