اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان کي ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو، پي ٽي آءِ عوامي ۽ رياستي ملڪيتن کي نقصان پهچايو، اهو عوامي ردعمل نه هو، منصوبابندي تحت ڪيو ويو، جيڪو قانون هٿ ۾ کڻندو نه اهو پاڪستاني آهي ۽ نه ئي پاڪستان جو شهري آهي، عوامي ۽ رياستي ملڪيتن کي نقصان پهچائيندڙن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات وا??ي وفاقي وزير چيو ته نيب القادر ٽرسٽ ڪيس جي جاچ ڪري رهيو هو، عمران خان کي ان ڪيس ۾ گهٽ ۾ گهٽ 15 نوٽيسز موڪليا ويا، هو ان ڪيس ۾ پيش نه ٿي رهيو هو. هن کي ان ڪيس ۾ جواب داخل ڪرڻو هو، عمران خان نيب کي گهربل هو. اطلاعات وا??ي وفاقي وزير چيو ته عمران خان جي گرفتاري کانپوءِ پي ٽي آءِ اڳواڻ پنهنجي ڪارڪنن کي جلاءُ گهيراءُ جو ترغيب ڏيندا رهيا، پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن جيڪو ڪيو اهو سڄي ملڪ ڏٺو، ڇا اهو عوامي ردعمل هو؟ اهو منصوبابندي تحت ڪيو ويو. هن چيو ته پي ٽي آءِ جا م??ڻهو اڄ چون ٿا ته ڪالهه جيڪو ٿيو اهو اسان ناهي ڪيو، انهن ڪالهه ڇو نه چيو هو ته اهي اسان جا م??ڻهو نه آهن. اطلاعات وا??ي وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جا م??ڻهو ڪالهه عوامي ۽ رياستي ملڪيتن کي نقصان پهچائي رهيا هئا، ان جي ليڊرن انهن کي ڇو نه روڪيو، سياسي پارٽي اهڙو ردعمل ناهي ڏيندي. هن چيو ته اسان جا م??ڻهو به گرفتار ٿيا هئا، نواز شريف، مريم نواز، شهباز شريف، شاهد خاقان عباسي، راڻا ثناءُ الله، سعد رفيق سميت ??يترائي اڳواڻ به گرفتار ٿيا هئا، شهباز شريف کي صاف پاڻي ڪيس ۾ گهرايو ويو هو ۽ آشيانا ۾ گرفتار ڪيو ويو، اسان ڪڏهن به اهڙو ردعمل نه ڏنو جيڪو پي ٽي آءِ عمران خان جي گرفتاري تي ڏنو آهي. هن چيو ته ان کان اڳ جڏهن زمان پارڪ ۾ پوليس عمران خان کي گرفتار ڪرڻ وئي هئي ته پوليس وارن تي پيٽرول بمن سان حملا ڪيا ويا. هن چيو ته پي ٽي آءِ جيڪو ڪري رهي آهي، اهو ملڪ گذريل ڪيترن ئي سالن کان ڏسي رهيو آهي. اطلاعات وا??ي وفاقي وزير چيو ته عمران خان جي گرفتاري کانپوءِ ان جو باقاعده ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرايو ويو، ٻيون ايس او پيز به مڪمل ڪيون ويون. هن چيو ته جيڪو قانون هٿ ۾ کڻندو اهو نه پاڪستاني آهي ۽ نه ئي پاڪستان جو شهري آهي. گذريل ڏينهن سرڪاري عمارتن ۽ گهرن تي حملا ڪيا ويا، سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائيندڙن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ان ڳالهه کي برداشت نه ڪيو ويندو.