اسلام آباد -24 مئي (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال 9 مئي تي پنجاب، خيبرپختونخوا ۽ سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ رياستي عمارتن ۽ فوجي ملڪيتن تي حملن جي ??ديد مذمت ڪندي ان ڳالهه جو وچن ڪيو آهي ته انهن واقعن ۾ ملوث ڪردارن خلاف نرمي نه ڪئي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ جي ??هيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ ڪنوينشن سينٽر ۾ منعقد ”تڪريم شهيد ڪنوينشن“ کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب جو خاص مهمان وزيراعظم شهباز شريف هو جنهن ۾ شهيدن جي ??اندانن، وزير??، اڳوڻن فوجين، سفارتڪارن، سول سوسائٽي جي ڪارڪنن ۽ شاگردن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. تقريب جو مقصد شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ ۽ 9 مئي جي ??ملن جي مذمت ڪرڻ هو جنهن ۾ وڏو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي وفاقي وزير شهيدن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ متاثرن جي ??اندانن سان يڪجهتي جو اظهار پڻ ڪيو. ان موقعي تي جذباتي منظر ڏسڻ ۾ آيا جڏهن متاثرن جي وارثن پنهنجي ??هيد پيارن جون تصويرون ڏ??ي ۽ کين ياد ڪندي روئي پيا جڏهن ته وفاقي وزير ذاتي طور تي انهن جي ??يٽن تي ويو ۽ سوڳوار خاندانن سان ڏک ۾ شريڪ ٿيو ۽ همدردي جو پڻ اظهار ڪيو. وفاقي وزير واضح ڪيو ته 9 مئي تي فوجي ملڪيتن تي حملن ۾ ملوث ماڻهن سان ڪنهن به قسم جي نرمي نه ڪئي ويندي. هن چيو ته اهڙي طرح جي ??ير قانوني ۽ غير آئيني قدمن کي بلڪل برداشت نه ڪيو ويندو.