ڪراچي – 28 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري لڪي مروت ۾ سيڪيورٽي فورسز تي حملي جي مذمت ڪندي واقعي ۾ ٽن اهلڪارن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد اهلڪارن نائيڪ صوبيدار تاج مير، حوالدار ذاڪر احمد ۽ سپاهي عابد حسين ک?? مل?? جي خاطر جان نڇاور ڪرڻ تي سلام پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته شهيد اهلڪارن جي پونئيرن جي ڏک ۾ پوري قوم برابر جي شريڪ آهي، شهيد قوم جا بهادر فرزند هئا. بلاول ڀٽو زرداري ??هش??گردن ک?? جهنم رسيد ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي شاباس ڏن??. ه?? چيو ته دنيا ڏسي وٺي، پاڪستان ??هش??گردي جي خلاف منهن ڏئي رهيو آهي، فتح انساني?? جي ٿيندي.