اسلام آباد – 04– اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته بهتر ٿئي ??ا ته لاڏ??ي ٻهروپيي کي شيرواني پارائي ??زيراعظم هائوس ۾ ويهاري ڇڏين ها، قوم جو وقت ۽ پئسو بچي وڃي ها. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته اڪثريتي ججن جي رد ڪيل ڪيس ۾ فيصلو غيرآئيني آهي، آئين تي اناءَ جو حاوي ٿيڻ ملڪ جي لاءِ مهلڪ ثابت ٿيندو آهي، ناقابل عمل حڪم سان سياسي ۽ آئيني بحران وڌيڪ گهرو ٿيندو. هن چيو ته هي فيصلو سپريم ڪورٽ جي ججن جي اڪثريت جي فيصلن سان ٽڪراءُ آهي، 2017ع ۾ وزيراعظم نواز شريف جي نااهلي جي غيرآئيني فيصلي سان ملڪ ۾ اڄ تائين آئي??ي، سياسي ۽ معاشي بحران آهي، خميازو عوام ڀوڳي رهي آهي. جڏهن سازش بي نقاب ٿئي ??ي ته دير ٿي چڪي هوندي آهي، 6 سالن کانپوءِ ٻيهر سهولتڪاري قبول نه آهي.