ڪراچي – 27 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پريس ڪلب ملتان جي نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏني آهي. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران ??ار?? بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري نئين چونڊيل صدر ??ڪي?? انجم، جنرل سيڪريٽري نثار اعواڻ، نائب صدرن خالد چوڌري، نعمان خان بابر، جوائنٽ سيڪريٽريز رائو محمد آصف، اياز علي شيخ، خازن فرحان ملغاڻي سميت سم??رن ڪامياب اميدوارن کي مبارڪباد ڏني آهي. بلاول ڀٽو زرداري ان اميد جو اظهار ڪيو ته نوان چونڊيل عهديدار پريس ڪلب ملتان جي سم??رن ميمبرن جي اميدن تي پورو لهندا. هن چيو ته ملتان جي صحافين جمهوريت ۽ اظهار جي آزادي جي جدوجهد ۾ سدائين فرنٽ لائين سپاهين جو ڪردار نڀايو آهي.