اسلام آباد– 13 – فيبروري (اي پي پي) وزيراع??م محمد شهباز شريف عالمي شهرت يافته ناليواري هدايتڪار، صداڪار، اداڪار، ليکڪ ۽ ميزبان ??ياءَ محي الدين جي لاڏاڻي تي تعز??ت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ضياءَ محي الدين پنهنجي ذات ۾ هڪ فن پارو هو سندس مخصوص انداز پاڪستان ??ميت سڄي دنيا ۾ ڌوم مچائي. افسوس آهي ته ڪيترين ئي خوبصورت خوبين جو مالڪ شخص لاڏاڻو ڪري ويو. وزيراعظم چيو ته ضياءَ محي الدين پاڪستان ۾ ٽيليويزن هوسٽنگ کي هڪ نئين رخ کان ??وشناس ڪرايو ۽ عالمي سطح تي اداڪاري ذريعي پاڪستان ??و نالو ٻاهرئين ملڪ روشن ڪيو. ني??نل اڪيڊمي آف پرفارمنگ آرٽس جي صدر طور هن نئين ايندڙ فنڪارن جي تربيت ۾ پنهنجو شاندار ڪردار ادا ڪيو. ضياءَ محي الدين جو آواز اسان ??ي ذهن ۾ گونجندو رهندو. وزيراعظم چيو ته ان ??ي صلاحيتن ۽ ان ??ي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. الله تعاليٰ مرحوم جا درجا بلند فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.