اسلام آباد -04 فيبروري (اي پي پي)صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي، ته پاڪستان ڪشميرين جي جائز مقصد لاءِ پنهنجي بنا فرق اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو، اڄ اسان ڪشميري عوام جي ناقابل تنسيخ حق خوداراديت کي حاصل ڪرڻ لاءِ سندن جائز ۽ منصفاڻي جدوجهد لاءِ پاڪستان جي غير متزلزل حمايت جي اظهار ڪندي چيو ته اسان ڀارت جي غ??رق??نوني قبضي خلاف ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي ڏهاڪن تي ٻڌل مزاحمت ۾ بي لوث قربانين کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيون ٿا. عالمي برادري والاريل ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ۽ وڏي پئماني تي ڀڃڪڙين تي ڀارت کي جوابده قرار ڏيارڻ لاءِ عملي قدم کڻي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ مطابق صدر مملڪت اهڙو اظهار ڪشمير جي يڪجهتي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ آچر ڏهاڙي هي ڏينهن ڪشميرين سان يڪجهتي طور ملهائي رهيا آهيون. هن چيو ته هي ڏينهن عالمي برادري جو ڌيان گڏيل ??ومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ??هرائن طرف ڇڪائڻ لاءِ ملهائيندا آهيون، صدر مملڪت چيو ته ڄمون ڪشمير جي تڪرار جو حتمي فيصلو عوام جي مرضي موجب گڏيل ??ومن جي انتظام هيٺ آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي راءِ شماري جي جمهوري طريقي سان ڪيو وڃي. گذريل 75 سالن کان ڀارتي قابض فوج غ??رق??نوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ آيل ڄمون ڪشمير ۾ دهشتگردي جو راڄ مڙهي رکيو آهي، ۽ اتان جي عوام کي ڊيڄارڻ ۽ دٻائڻ لاءِ بدترين مهم شروع ڪري رکي آهي. هن چيو ته 9 لک کان وڌيڪ ڀارتي هٿياربند اهلڪارن جي موجودگي خطي کي هڪ کليل جيل بڻائي ڇڏيو آهي. ڀارت جي غ??رق??نوني قبضي هيٺ آيل ڄمون ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع جي غ??رق??نوني ۽ هڪ طرفن قدمن عالمي قانون، بشمول گڏيل ??ومن جي چارٽر، چوٿين جنيوا ڪنوينشن ۽ گڏيل ??ومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ??هرائن جي هڪ کليل ڀڃڪڙي هئي. صدر مملڪت چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير جي آباديءَ جي ڍانچي ۾ مصنوعي تبديلين، سياسي انجنيئرنگ، مقامي ماڻهن جي معاشي پسماندگي ۽ ڪشميري سڃاڻپ ۽ ثقافت تي حملن ذريعي انهن غ??رق??نوني قدمن کي وڌيڪ طاقت ڏيڻ جي مسلسل ڪوشش ڪري رهيو آهي. ڀارت جو ظالماڻو رويو والاريل ڄمون ڪشمير ۾ عدالت جي مٿانهين قتل، من پسند حراست، حراست دوران تشدد، جبري گمشدگين ۽ پي??ٽ گنز جي استعمال مان ظاهر ٿئي ٿو. صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڀارت ميڊيا تي پابندي لڳائي رکي آهي ۽ ڪشميري قيادت ۽ انساني حقن جي محافظن کي قيد ڪري رکيو آهي. انساني حقن جي ڪيترين ئي تنظيمن ۽ عالمي ميڊيا به ان ظلم ۽ ڏاڍ کي چڱيءَ ريت دستاويزي صورت ۾ اجاگر ڪيو آهي. هن چيو ته اڄوڪي ڏينهن پاڪستان ڀارت کان مطالبو ڪري ٿو ته اهو گڏيل ??ومن ۽ او آءِ سي جي مبصرن، عالمي ميڊيا ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي غ??رق??نوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ آيل ڄمون ڪشمير تائين بنا رنڊڪ جي رسائي ڏئي ته جيئن اهي اتان جي صورتحال بابت درست معلومات حاصل ڪري سگهن، انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي تحقيقات ۽ انهن کي رپورٽ ڪري سگهن. صدر مملڪت چيو ته پاڪستان علمي برادري ۽ تنظيمن تي زور ڀري ٿو ته اهي والاريل ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ۽ وسيع پيماني تي ڀڃڪڙين تي ڀارت کي جوابده بڻائڻ لاءِ عملي قدم کڻي. هن چيو ته پاڪستان لڳاتار ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته ڄمون ڪشمير تڪرار جو جٽادار حل گڏيل ??ومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ??هرائن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ئي ممڪن آهي. پاڪستان ان جائز مقصد لاءِ پنهنجي بنا فرق جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو.