اسلام آباد– 02 – فيبروري (اي پي پي) پرڏي??ي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر اڄ جمعي کان سريلنڪا جي گادي واري شهر ڪولمبو جو ٻن ڏينهن جو دورو ڪندي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏي??ي معاملن واري مملڪتي وزير سريلنڪا جي 75 ه??ن آزادي جي ڏهاڙي ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪندي. آزادي جي ڏهاڙي جي تقريبن ۾ شرڪت کانسواءِ هو پنهنجي هم منصب سميت سريلنڪا جي قيادت سان ملاقات ڪندي. ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپا آهن، جيڪي ٻطرفي تعاون جي سڀني رخن ۾ اڳتي وڌي رهيا آهن. هن چيو ته ٻن??ي ملڪن سارڪ سميت گهڻ رخي فورمز ۾ به گڏجي ڪم ڪيو آهي. مملڪتي وزير حنا رباني کر جو سريلنڪا جو دورو ٻن??ي ملڪن جي وچ ۾ افهام تفهيم کي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو ۽ مشڪل وقت ۾ سريلنڪا جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو پيغام ڏيندو.