اسلام آباد – 26 جنوري (اي پي پي) آزاد ڪش??ير جي وزيراعظم سردار تنوير الياس خان چيو آهي ته ڀارت دنيا آڏو پاڻ کي جمهوري ۽ سيڪيولر ملڪ هجڻ جي دعويٰ ڪري ٿو پر اتي اقليتون محفوظ ناهن، ڀارت جو نام نهاد يوم جمهوريه اسان لاءِ ڪارو ڏهاڙو آهي. سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري ۽ پاڪستاني اڄ جو ڏينهن ڪاري ڏهاڙي طور ملهائي رهيا آهن. ڀارت جو نام نهاد يوم جمهوريه جي موقعي تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير جي مسلمانن هر اها قرباني ڏني جنهن جو مثال نٿو ملي. ڪش??ير جي آزادي جي تحريڪ لاءِ ڪشميرين پنهنجي ٽئين نسل قربان ڪري ڇڏي آهي، ڀارت گڏيل قومن ۾ ڪشميرين کي خوداراديت وارو حق ڏيڻ جي پنهنجي ئي واعدي کان ڦري رهيو آهي. وزيراعظم آزاد ڪش??ير چيو ته ڪش??ير ڪنهن صورت ڀارت جو حصو ناهي ۽ نه ڪڏهن بڻجي سگهي ٿو. ڪشميري پاڻ کي پاڪستاني سمجهن ٿ?? ۽ پاڪستان جي تڪميل جي جنگ وڙهي رهيا آهن. هندوستان جو مڪروه ۽ انسانيت جو قاتل ??هرو دنيا آڏو بي نقاب ٿيو آهي. ڀارت ڪش??ير تي قبضو ڪري رکيو آهي. وزيراعظم چيو ته جمهوري ۽ سيڪولر ملڪ جي دعويٰ ڪندڙ هندوستان دنيا کي دوکو ڏيندڙ سڀني کان وڏو فراڊ آهي. ڀارت ڪشميري ماءُ، ڀينرن، بزرگن ۽ ٻارن تي انسانيت سوز ظلم ڪيا. وزيراعظم چيو ته ڀارت پاڻ کي جمهوري ملڪ چورائڻ جي لائق ناهي، ست ڏهاڪن ک??ن هندوستان پنهنجي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ ظلم جو بازار گرم ڪيو آهي. والاريل ڪش??ير جي مسلمانن کان علاوه ڀارت جي ڪيترين ئي رياستن ۾ ماڻهو آزادي جي جنگ وڙهي رهيا آهن. هندوستان ۾ اقليتن لاءِ ڪا جاءِ ناهي.