اسلام آباد – 13 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي ??زير بلاول ڀٽو زرداري ۽ پرڏيهي ??عاملن واري ملڪتي وزير حنا رباني کر 16 کان 20 جنوري تا??ين سوئٽزرلينڊ جي شهر ڊيووس ۾ ٿيندڙ ورلڊ اڪنامڪ فورم جي 53 هين سالياني اجلاس ۾ شرڪت ڪندا. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چئي. هن چيو ته پاڪستان ورلڊ اڪنامڪ فورم جي اجلاسن ۾ باقاعده شرڪت ڪري رهيو آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان فورم ۾ عال??ي اقتصادي اهميت جي مسئلن تي پنهنجو موقف پيش ڪندو. پرڏيهي ??زير ۽ مملڪتي وزير سياسي اڳواڻن، ڪارپوريٽ ايگزيڪيوٽوز، عال??ي ادارن جي سربراهن، ميڊيا ۽ سول سوسائٽي جي اهم شخصيتن ۽ ٻين ناليوارين شخصيتن سان پڻ ملاقات ڪندا.