اسلام آباد-13 ڊسمبر (اي پي پي)سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چي?? آهي ته محمد نواز شريف جي سڄي ملڪ کي موٽرويز سان ڳنڍڻ واري خواب جي ??ڪم??ل جو اڄ اهم ڏينهن آهي، 306 ڪلوميٽر ڊگهي سکر – حيدرآباد موٽروي ايم – 06 جي پيڙهه جي پٿر بعد پشاور ڪراچي موٽروي (پي ڪي ايم) جي آخري حصي جي تعمير بعد پاڪستان جا سمورا وڏا ۽ اهم شهر موٽرويز سان ڳنڍجي ويند??. ا??اري ڏينهن پنهنجي بيان ۾ هن چي?? ته سرڪاري ۽ نجي شراڪتداري سان ايم -06 کي تعمير ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ايم – 06 کي 30 مهينن جي مختصر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چي?? ته منصوبي جي ??ڪم??ل سان سڄي ملڪ جي عوام کي جديد، آرامده ۽ تيز ترين سفري سهولت ملندي. ان کان علاوه ان موٽروي جي تعمير سان واپاري برادري کي پنهنجي سامان جي منتقلي ۾ پڻ آساني ٿيندي ۽ وقت جي بچت ٿيندي، ان کان علاوه حادثن کان بچڻ کان علاوه جي ٽي روڊ تي ٽريفڪ جي دٻاءَ ۾ به گهٽتائي ايندي، وفاقي وزير مريم اورنگزيب چي?? ته بهترين شاهراهن جي تعمير سان ترقي جي قومي رفتار ۾ اضافو ٿيندو جنهن سان پاڪستان جي معيشت تي هاڪاري اثر پوندا. منصوبي جي ??ڪم??ل سان ملڪ ۾ واپاري سرگرميون تيز ٿينديون، واپارين، صنعتڪارن ۽ هارين کي پنهنجي مصنوعات جي ترسيل ۾ آساني ٿيندي.