اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چي?? آهي ته ميڊيا ڪنهن به رياست جو اهم ٿنڀ آهي، حڪومت صحافي?? جي تحفظ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، ميڊيا، سول سوسائٽي ۽ حڪومت کي صحافي?? جي تحفظ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو آهي، پاڪستان صحافي?? جي تحفظ جي لاءِ ضروري قانونسازي ڪئي آهي، ارشد شريف جو قتل افسوسناڪ واقعو آهي جنهن تي ڪينيا جي صدر سان پاڻ ڳالهه ڪئي ۽ سپريم ڪورٽ جي چي?? جسٽس کي ڪميشن جوڙڻ جي لاءِ خط لکيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن جرنلسٽ سيفٽي فورم تحت گڏيل قوم?? جي 10 سالا پلان آف ايڪش?? جي حوالي سان منعقد تقريب کي خاص مهما?? جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي جرنلسٽ سيفٽي فورم جي چيئرمين ۽ سينيئر صحافي حامد مير، ڊينمارڪ جي سفير جيڪب لائنلف، ناروي جي سفير پرالبرٽ الساس ۽ فرانس جي سفير نڪولس گيلي پڻ خطاب ڪيو. تقريب ۾ مختلف ملڪن جا سفير ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن کانسواءِ سينيئر صحافي پڻ موجود هئا. وزيراعظم چي?? ته صحافي?? جي تحفظ جي حوالي سان هي اهم تقريب آهي، پاڪستان ۾ ميڊيا، سول سوسائٽي ۽ معاشري جي مختلف طبق?? جي لاءِ اظهار راءِ جي آزادي اهم معاملو رهيو آهي ۽ ا?? جي لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي وئي آهي. وزيراعظم اظهار راءِ جي آزادي ۽ حق?? جي تحفظ لاءِ جدوجهد ڪندڙ صحافين کي ساراهيو ۽ چي?? ته انه?? جي جدوجهد جو نه رڳو پاڪستان پر عالمي سطح تي اعتراف ڪيو ويو. وزيراعظم چي?? ته ارشد شريف جو قتل افسوسناڪ واقعو آهي، ڪينيا جي صدر سان مون پاڻ ان معاملي تي ڳالهه ڪئي ۽ پر??يه?? وزير به ارشد شريف جي معاملي ۽ ا?? جي لاش کي وطن واپس آڻڻ جي لاءِ ڪينيا جي عملدارن سان رابطي ۾ رهيو. مون سپريم ڪورٽ جي چي?? جسٽس کي ڪميشن جوڙڻ جي لاءِ خط پڻ لکيو. وزيراعظم چي?? ته جمهوريت ۽ ميڊيا جي آزادي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهي. پاڪستان ۾ 33 سال ڊڪٽيٽرشپ رهي پر پاڪستان جمهوري ملڪ آهي ۽ رهندو. پاڪستان ۾ جمهوريت ۽ ميڊيا جي آزادي جي لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي وئي آهي. وزيراعظم 1973ع جي آئين کي سياسي قيادت جي اتفاق راءِ جو مظهر قرار ڏيندي چي?? ته اختلاف?? جي باوجود مقدس مقصد جي لاءِ ذاتي پسند ۽ ناپسند کان مٿانهون ٿي سياستدانن هڪ آئين تي اتفاق ڪيو، ??يڪو سڀني کي جوڙڻ واري هڪ طاقت آهي. 1973ع جو آئين هڪ مقدس دستاويز آهي. ميڊيا جمهوري ح??ومت جو اهم ٿنڀ آهي ۽ صحافي برادري منهنجي دل جي ويجهو آهن. وزيراعظم چي?? ته پاڪستان صحافي?? جي تحفظ جي لاءِ وفاق ۽ سنڌ ۾ قانون منظور ڪيو. اسان جي ح??ومت بلوچستان، خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب ۾ صحافي?? جي تحفظ جي لاءِ قانونسازي جي حمايت ڪندي. وزيراعظم چي?? ته گذريل سال پارليامينٽ ۾ صحافي?? جي تحفظ جو قانون اتفاق راءِ سان منظور ڪيو. هن چي?? ته ان ۾ سيڪشن 6 جي اضافي جي معاملي جو جائزو ورتو ويندو. هن چي?? ته اظهار راءِ جي آزادي آئين ڏني آهي ۽ صحافين جو تحفظ ۽ سلامتي يقيني بڻائڻ حڪومت جي ذميواري آهي. ٻين ملڪن وانگر پاڪستان ۾ به صحافين ۽ ميڊيا کي پنهنجا فرض سرانجام ڏيڻ ۾ چئلينجز درپيش آهن. لاڳاپيل ڌري?? جي مشاورت سان حڪومت ان حوالي سان ضروري قدم کڻندي. وزيراعظم يورپ سميت دنيا جي مختلف ملڪن سان واپاري لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چي?? ته پاڪستان سمورن ملڪن سان سٺا لاڳاپا قائم ڪرڻ جو خواهشمند آهي ڇو ته ان کانسواءِ ترقي نه ٿي ڪري سگهجي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته جرنلسٽ سيفٽي فورم صحافين کي درپيش مسئل?? جي حوالي سان اهم ڪردار ادا ڪندو. ان سلسلي ۾ وفاقي ح??ومت هر ممڪن تعاون ڪندي.