شرم الشيخ – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن کان بچاءُ ۽ خطرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ اڳواٽ خبردار ڪرڻ جو ??ظام انتهائي اهم آهي، موسمياتي تبديلي پاڪستان جي لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج آهي، ٻوڏ جون تباهيون ايتريون وڌيڪ آهن جو ??تاثرين جون ضرورتون پوريون ڪرڻ وس کان ٻاهر آهي، ويجهي مستقبل ۾ موسمياتي بحران وڌيڪ سنگين ٿيڻ جو خدشو آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار هتي اعليٰ سطحي گول ميز ”ارلي وارننگ فار آل ايگزيڪيوٽو پلانز لانچ“ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چي?? ته ارلي وارننگ سسٽم (اي ڊبليو ايس) پٺتي پيل ۽ موسمياتي شدت کان متاثر ملڪن جي لاءِ موافقت ۽ لچڪ جي منصوبابندي جي لاءِ لازمي بڻجي ويو آهي، اهو نظام پٺتي پيل علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن جي لاءِ هڪ اهم مواصلاتي نظام جي طور تي ڪم ڪري ٿ?? ته جيئن انهن کي قدرتي آفتن کان اڳواٽ خبردار ڪري سگهجي، اهو نظام نگراني ۽ اڳڪٿي جي درستگي، آفتن جي خطرن ۾ گهٽتائي ۽ انتظام کي منهن ڏيڻ جي لاءِ انگن اکرن ذريعي تيز رفتار ۽ مناسب ردعمل جي منصوبابندي جي لاءِ ڪا??ي وقت مهيا ڪري ٿو، جديد ترين ٽيڪنالاجي جي استعمال ۽ ارلي وارننگ چين آفتن جي خطري بابت ڄاڻ، خطري جو ??تو لڳائڻ، ان کان بچاءُ ۽ جلد عمل جي تياري جي چار عنصرن کي بهتر بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. وزيراعظم ارلي وارننگ نظام جي پاڪستان ۾ ڪا??يابي جي حوالي سان ٻڌاي?? ته ان نظام جي ڪري هن سال ملڪ ۾ گرمي جي ڊگهي لهر جي ڪري ششپر گليشيئر ۾ شگاف پوڻ سان هزارين جانيون بچي ويون، ان گليشيئر جي هيٺ هڪ غيرمستحڪم ڍنڍ مان هر سال واديءَ هنزه ۾ ٻوڏ ايندي آهي جڏهن ته ارلي وارننگ سسٽم سان ماڻهن کي انخلا جو ??قت ملي وڃي ٿو. موسمياتي تبديلي 2022ع جي اثرن جي حوالي سان هن ٻڌاي?? ته قراقرم هاءِ وي تي حسن آباد ڳوٺ ۾ 6 گهرن، زرعي زمين، 2 هائيڊرو پاور پراجيڪٽ ۽ باغ تباهه ٿيا جڏهن ته ڪو جاني نقصان نه ٿيو، هتي ارلي وارننگ سسٽم ان گليشيئر جي سڌوسنئون نگراني ڪري ٿو ۽ روزانو ڍنڍ ۾ پاڻي جي آمد ۽ اخراج جو ڪا??و لڳائي ٿو، ان نظام جي نگراني وفاقي ۽ صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيز ڪن ٿيون، اهو سسٽم اتي وڌيڪ ڪا??ياب ٿيو جتي ڪميونٽيز جي لاءِ تربيت ۽ آگاهي جي اسٽيشنز ۽ مشقن جو بار بار اهتمام ڪيو ويو، خودڪار موسمي نظام ۽ ڪميونٽي جي شموليت جي ڪري گليشيئر جي نگراني پاڪستان جي لاءِ هڪ ڪا??يابي جي ڪهاڻي بڻجي آهي، ان نظام کي ٻين علائقن ۽ وادين ۾ پڻ لڳايو ويندو، هي پراجيڪٽ وزارت ۽ يو اين ڊي پي جو گڏيل منصوبو آهي، اهو پاڪستان ۾ گرين ڪلائمينٽ فنڊ جو ??هريون منصوبو آهي، ان منصوبي تحت 16 گلگت بلتستان ۽ 8 خيبرپختونخواهه ۾ خودڪار موسمي نظام لڳايا ويا آهن، ان نظام تحت آبپاشي جي رستي ۽ هيٺئين وهڪري ۾ استحڪام جي لاءِ وڻڪاري پڻ شامل آهي. وزيراعظم چي?? ته ارلي وارننگ سسٽم آفتن جي خطرن ۾ گهٽتائي جو ??ڪ اهم جز آهي جيڪو جاني نقصان کي روڪڻ سان گڏوگڏ قدرتي خطرن جي معاشي اثرن کي گهٽ ڪري ٿو. وزيراعظم چي?? ته ڊيزاسٽر رسڪ ريڊڪشن 30 – 2015ع بابت سينڊائي فريم ورڪ نئين ٻوڏ کي روڪڻ ۽ موجوده آفتن جي خطرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ تباهي جي خطري کي سمجهڻ، آفتن جي خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڊيزاسٽر رسڪ گورننس کي مضبوط بڻائڻ، تباهي ۾ گهٽتائي جي لاءِ سيڙپڪاري ڪرڻ ۽ موثر ردعمل جي لاءِ تياري ۽ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي چار نقطن تي ٻڌل آهي. وزيراعظم چي?? ته ارلي وارننگ سسٽم ٻوڏ ۽ شديد موسمي واقعن ۾ پاڻي ۽ صفائي جي نظام سان گڏوگڏ صحت جي نظام کي بهتر بڻائڻ ۽ ان بابت خطرن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو، ارلي وارننگ سسٽم موبائيل ڪميونيڪشن نيٽ ورڪ سان سڌوسنئون ڳنڍيل آهي جيڪو فوري ردعمل جي فريم ورڪ، منصوبن ۽ قدمن کي متحرڪ ڪرڻ ۾ موثر آهي. وزيراعظم چي?? ته موسمياتي تبديلي پاڪستان جي لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج آهي، پاڪستان جي ڪجهه ڏاکڻي شهرن ۾ هن سال 53 سينٽي گريڊ کان وڌي ويو، اسان زمين جي گرم ترين جاين جا ميزبان بڻجي وياسين جيڪو ٻيلن ۾ باهه جو سبب بڻجي ٿو، ان سان فصل جي پيداوار متاثر ٿئي ٿي. هن چي?? ته هڪ اهڙو ملڪ جيڪو عالمي سطح تي گرين هائوس گئسن جو ??ڪ سيڪڙو کان به گهٽ اخراج ڪري ٿو اسان جي آبهوا جو خطرو ممنوعه حد تائين وڌيڪ آهي، جيڪو دنيا جي سڀ کان وڌيڪ متاثر 10 ملڪن ۾ شامل آهي، هن سال موسمياتي تبديلين جي ڪري دنيا ۾ ايندڙ صديءَ جي سڀ کان وڏي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ پاڪستان کي بري طرح متاثر ڪيو آهي، هن چوماسي ۾ پاڪستان ۾ اسان جيڪو ڏٺو اهو اسان جي مستقبل جي لاءِ هڪ سنگين تصوير کانسواءِ ڪجهه نه آهي. هن چي?? ته هن ٻوڏ جون تباهيون ايتريون وڌيڪ آهن جو ??تاثرين جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ڪنهن هڪ ملڪ جي وس ۾ نه آهي، خاص طور تي جنهن ملڪ جي جي ڊي پي اڳ ۾ ئي 9.1 سيڪڙو موسمياتي نقصان برداشت ڪري رهي آهي. وزيراعظم چي?? ته هن ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصانن جو ڪا??و 30 ارب ڊالر لڳايو ويو آهي، جيڪو اسان کي 10 سال پوئتي وٺي ويو آهي، بنيادي ڍانچي، اسڪولن، اسپتالن سميت هر شيءَ کي ٻيهر تعمير ڪرڻ جي ضرورت آهي.وزيراعظم چي?? ته ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي فوري روڪ امداد جي لاءِ پاڪستان حڪومت پنهنجي وسيلن مان 66 ارب 70 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي ادائيگي ڪري ڇڏي آهي، اها ادائيگي بي آءِ ايس پي جي ذريعي 26 لک کان وڌيڪ ماڻهن کي ڪئي وئي آهي. وزيراعظم چي?? ته موسمياتي تبديلي واري وزارت ٻوڏ کان متاثر آبادي جي لاءِ موسمياتي لچڪ جي منصوبن جي لاءِ مخصوص 15 ڪروڙ ڊالر جو ??يهر استعمال ڪيو جڏهن ته پاڪستان هائيڊرو ميٽ ۽ ڪلائميٽ سروسز پراجيڪٽ جا 4 ڪروڙ 80 ڊالر فنڊ انهي مقصد جي لاءِ استعمال ڪيا ويا جيڪي ايم اي ٽي آفيس جي فني صلاحيت کي بهتر بڻائڻ ۽ اپ گريڊ ڪرڻ جي لاءِ هئا. وزيراعظم چي?? ته پاڪستان ۾ ارلي وارننگ سسٽم نيشنل ڊيزاسٽر رسڪ جي منصوبابندي جو ??ڪ لازمي حصو آهي. وزيراعظم شهباز شريف چي?? ته نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ پلان 2012ع تحت ملٽي هيزيڊ ارلي وارننگ سسٽم (ايم ايڇ اي ڊبليو ايس) پاڪستان ۾ آفتن جي خطرن جي مئنيجمينٽ جي منصوبابندي ۽ ايڪشن جو ??ازمي جز آهي جنهن ۾ چار مختلف حڪمت عمليون اختيار ڪيون ويون آهن انهن ۾ پهرين حڪمت عملي موسم جي اڳڪٿي ۽ ارلي وارننگ سسٽم جو استحڪام، ٻي حڪمت عملي مخصوص علائقن ۾ مقامي سطح تي هيزيڊ ميپ تيار ڪرڻ، ٽئين حڪمت عملي وقت کان اڳ وارننگ جي نظام کي مضبوط بڻائڻ ۽ چوٿين حڪمت عملي شروعاتي وارننگ ۽ انخلا جي نظام جي صلاحيت جي تياري آهي. وزيراعظم چي?? ته 2010ع کانپوءِ پاڪستان جي ارلي وارننگ سسٽم ۾ غيرمعمولي بهتري آئي آهي، پاڪستان جي موسميات کاتي سان گڏوگڏ صوبائي کاتن پاران جاري ڪيل شروعاتي اڳڪٿيون ۽ تنبيهون جان بچائڻ جي لاءِ موثر ثابت ٿيون. وزيراعظم چي?? ته پاڪستان کي هن سال جيترين برساتن کي منهن ڏيڻو پيو ايتريون تباهيون زندگي ۾ ڪڏهن ناهن ڏٺيون، 30 سال اڳ جي ڀيٽ ۾ اهي برساتون سراسري طور تي 190 سيڪڙو وڌيڪ جڏهن ته سنڌ ۾ ساليانو سراسري طور 6 کان 7 ڀيرا وڌيڪ برساتون ٿيون. هن خبردار ڪي?? ته ويجهي مستقبل ۾ پاڪستان جو ??وسمياتي بحران وڌيڪ سنگين ٿيڻ جو خدشو آهي، ملڪ کي مضبوط، هائيڊرو ميٽرولوجيڪل مانيٽرنگ سسٽم، ملٽي هيزيڊ، وولزيبلٽي ۽ رسڪ اسسمنٽ فريم ورڪ ۽ ڊيزاسٽر رسڪ ريڊڪشن ۾ ڊيجيٽل اختراع ۾ سيڙپڪاري جي ضرورت پوندي ته جيئن مستقبل ۾ ان صورتحال جو ??قابلو ڪري سگهجي. ارلي وارننگ فار آل ايگزيڪيوٽو پلان تي روشني وجهندي وزيراعظم چي?? ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس مارچ 2022ع ۾ پنهنجي ترجيحن مان هڪ ٺاهي ۽ ان نظام جي ذريعي هر شخص کي شامل ڪرڻ جي لاءِ ايندڙ 5 سالن ۾ هڪ ايڪشن پلان تي زور ڏنو. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي ڪا?? موجب ڊبليو ايم او پنهنجو ايڪشن پلان ڪوپ – 27 سربراهه ڪا??فرنس ۾ پيش ڪندو جيڪو موجوده خلا جو جائزو وٺندو، ان نظام جي عالمي سوچ سمجهه کي وڌائڻ جي لاءِ جديد تجزياتي اوزارن جي گنجائش ۽ ارلي وارننگ سسٽم جي ايندڙ 5 سالن ۾ نفاذ جي لاءِ ملڪن جي ضرورتن جو جائزو ورتو ويندو. هن چي?? ته اهو ايڪشن پلان رابطي ڪاري ۽ ذميوارين جي طريقيڪار جي وضاحت ۽ هڪ اهڙو نظام ٺاهڻ تي ڌيان ڏيندو جيڪو سمورن متاثر ماڻهن جي لاءِ تنبيهه ۽ اڳڪٿين جي قابل هجي، اهو تجويز ڪيل منصوبو مقامي، علائقائي، قومي ۽ عالمي سطح تي ڪم ڪندو. وزيراعظم چي?? ته ڊبليو ايم او جي موجوده جاري ارلي وارننگ سسٽم جي منصوبن ۾ هڪ منصوبو ڪلائميٽ رسڪ ارلي وارننگ سسٽم آهي جيڪو اسرندڙ ۽ ننڍن جزيرن وارن ملڪن جي لاءِ خاص طور تي ٺاهيو ويو آهي، اهو ڪلائميٽ رسڪ ارلي وارننگ سسٽم ٽرسٽ فنڊ سان سڌوسنئون ۽ ٻين ڊيولپمينٽ پارٽنر سان اڻسڌي سطح تي ڪم ڪري رهيو آهي جنهن تي ڊبليو ايم او عمل ڪري رهيو آهي. پاڪستان فليش فلڊ گائيڊنس سسٽم ود گلوبل ڪوريج جي منصوبي تحت ان پراجيڪٽ مان فائدو کڻي رهيو آهي. فليش فلڊ گائيڊنس سسٽم ود گلوبل ڪوريج جو ??قصد آپريشنل اڳڪٿي ۽ ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ ايجنسين کي ننڍي پئماني تي ٻوڏ جي خطري کان حقيقي وقت بابت رهنمائي جي لاء?? اوزار فراهم ڪرڻ آهي. وزيراعظم چي?? ته سسٽميٽڪ آبزرويشن فنانسنگ فسيليٽي (ايس او ايف ايف) جو ??يام نومبر 2021ع تي عمل ۾ آندو ويو جنهن جو ??قصد اسرندڙ رياستن ۽ گهٽ ترقي يافته ملڪن جي موسم ۽ موسمياتي مشاهدن ۾ موجود خلا کي ڀري ٿو، اهو منصوبو حصيدار ملڪن کي موسم ۽ آبهوا جي انگن اکرن، اڳڪٿي ۽ ردعمل تي ڌيان جي ذريعي بهتر، لچڪدار ترقي، موسمياتي تبديلي ۽ شروعاتي تنبيهه جي نتيجن ۾ مدد ڪري ٿو. ڊبليو ايم او ڪا??ن الرٽنگ پروٽوڪول (سي اي پي) کي اختيار ڪرڻ جي پڻ وڪالت ڪري رهيو آهي جيڪو سمورن مواصلات?? چينل جي ذريعي سمورن خطرن جي تنبيهه ۾ هڪ عالمي معيار آهي، ان جي مدد سان مستقل الرٽ پيغام کي هڪ ئي وقت ڪيترن ئي مواصلاتي رستن تي ڦهلائي سگهجي ٿو، عالمي ٽيلي ڪميونيڪشن يونين جي حصيداري سان ٺاهيو ويو آهي، ڊبليو ايم او مختلف ملڪن ۾ ان کي لاڳو ڪرڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. وزيراعظم چي?? ته هر قسم جي خطري جي هنگامي تنبيهه جي مٽاسٽا جي لاءِ ڪوپ هڪ عمومي پروٽوڪول جي طور تي ڪم ڪري سگهي ٿو جڏهن ته ان جي موثر هجڻ جي لاءِ ان ۾ گهڻ ڌريي ۽ خطري ۾ پوندڙ ڪميونٽيز جي فعال شموليت جي ضرورت هوندي. وزيراعظم چي?? ته معلومات جي مٽاسٽا جي لاءِ هڪ عام فهم ۽ سادي تنبيهه جي نظام جي افاديت کي وڌائي سگهي ٿو اهڙي طرح ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ عالمي سطح تي ملٽي هيزيڊ ارلي وارننگ سسٽم هجڻ ضروري اهي، ڊبليو ايم او 2021ع ۾ هڪ فاسٽ ٽريڪ انيشي ايٽو شروع ڪيو جنهن جو ??قصد انهن سمورن خطن ۾ ڪوپ کي تحفظ ۽ ان تي عملدرآمد آهي. ان تي هن وقت آفريقي علائقن ۾ عملدرآمد ٿي رهيو آهي. وزيراعظم چي?? ته گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام (يو اين ڊي پي) جو ڪلائميٽ انفارميشن ۽ ارلي وارننگ جو ??ظام آفريقا ۽ پيسفڪ ۾ هن وقت فعال آهي جيڪو قدرتي آفتن جي ردعمل ۽ بهتر تيارين ۾ مددگار آهي.