آستانه – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ خصوصي اقتصادي زونز قازقستان جي سيڙپڪارن جي لاءِ کليل آهن، قازقستان پنهنجي واپار کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ گوادر ۽ ڪراچي جي بندرگاهن مان فائدو کڻي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م محمد شهباز شريف ڪالهه خميس ڏينهن قازقستان ۾ سيڪا سربراهي اجلاس جي موقعي تي قازقستان جي صدر قاسم زومارٽ توڪايوف سان ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن واپار، گڏيل رابطن ۽ توانائي سميت ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو ورتو ۽ مختلف شعبن ۾ ت??او?? تي اڳڀرائي کي تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. وزي??اع??م سيپٽمبر 2022ع ۾ ثمرقند ۾ شنگهائي ت??او?? تنظيم جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي قازقستان جي صدر سان پنهنجي ملاقات جو ذڪر ڪيو جنهن ۾ گهڻ رخي ت??او?? کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي رفتار جو تعين ڪيو ويو هو. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي واپار کي سگهارو بڻائڻ ۽ سيڙپڪاري ۾ ت??او?? کي سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. وزي??اع??م محمد شهباز شريف توانائي، ز??اع??، ٽيڪنالاجي، لاجسٽڪس، مواصلات ۽ تعميرات جي شعبن ۾ گڏيل منصوبن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن ڪاروباري رابط??، عوام سان عوام جي رابطن ۽ سياحت کي وڌائڻ جي لاءِ سڌوسنئون فضائي رابطي جي اهميت کي اجاگر ڪيو. وزي??اع??م چيو ته پاڪستان جا خصوصي اقتصادي زونز قازقستان جي سيڙپڪارن جي لاءِ کليل آهن. هن قازقستان کي پنهنجي واپار کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ گوادر ۽ ڪراچي بندرگاهن مان فائدو کڻڻ جي دعوت پڻ ڏني. وزي??اع??م ايشيا ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ اعتمادسازي جي قدمن بابت ڪانفرنس (سيڪا) سمٽ ۾ شرڪت جي لاءِ قازقستان جي سرڪاري دوري تي آهي. قازقستان ڇهين سيڪا سربراهي اجلاس جو چيئر ۽ ميزبان آهي.