نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خميس ڏينهن گڏيل قو??ن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ۽ مائيڪرو سافٽ جي باني بل گيٽس سميت ڪيترن ??ي عالمي اڳواڻن سان ملاقات ڪندو. وزيراعظم پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ گڏيل قو??ن جي سيڪريٽريٽ ۾ لڳايل تصويري نمائش جو به دورو ڪندو. وزيراعظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب گڏيل قو??ن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي اعليٰ سطحي مباحثي جي ٽئين ڏينهن وزيراعظم محمد شهباز شريف نيويارڪ ۾ سرگرمين سان ڀرپور هڪ ٻيو ڏينهن گذاريندو. گڏيل قو??ن جي هيڊڪوارٽرز روانگي کان اڳ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بل گيٽس ملاقات ڪندو. گڏيل قو??ن جي هيڊڪوارٽرز پهچڻ تي وزيراعظم، گڏيل قو??ن جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گوتريس سان ملاقات ۾ ٻطرفن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪندا. بعد ۾ وزيراعظم گڏيل قو??ن جي سيڪريٽريٽ جي لابي ۾ پاڪستان مشن پاران پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ جي تباهي کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ لڳايل تصويري نمائش جو دورو ڪندو. ٽنپهرن ??و وزيراعظم ايڊٿ ليڊرز ڪو ايسوسيئيٽيڊ پريس جي اي پي ٽي وي (ايسوسيئيٽيڊ پريس اي پي ٽي وي) جي لاءِ انٽرويو ڏيندو. بعد ۾ وزيراعظم پنهنجي جاپاني هم منصب فوميو ڪيشيدا، بيلجيئم جي وزيراعظ?? اليگزينڊر ڊي ڪرو ۽ ملائيشيا جي وزيراعظم اسماعيل صابري يعقوب سان جدا جدا ملاقاتن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪندو.