اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف سان پاڪستان جي دوري تي آيل بين الپارلياماني يونين جي صدر دوارتي پشيگو پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ آءِ پي يو ايشيا پيس??ڪ ريجن جي ميمبر ملڪن تي ٻڌل ٻن ڏينهن واري سيمينار سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر پاڪستان جي قومي اسيمبلي ۾ پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ تي ايشيا پيسفڪ خطي جي ٽئين علائقائي سيمينار ۾ شرڪت ت?? آءِ پي يو جي صدر جي آجيان ڪئي. اسپيڪر ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته پاڪستان تاريخ جي بدترين ??وس??ياتي تبديلين سان ٿيندڙ تباهي کي منهن ڏئي رهيو آهي. ??وس??ياتي تبديلين جي ڪري ٿيندڙ نقصان جي شدت ناقابل تصور هئي. پاڪستان ??وس??ياتي تبديلين جي ڪري پيدا ٿيندڙ صحت جي لا??ِ خراب اثرن ۾ حصيدار نه آهي. ترقي يافته ملڪن پاران وڌيڪ ڪاربن جي اخراج سان پاڪستان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آهي. پاڪستان ۾ ??وس??ياتي تبديلي جي نتيجي ۾ ٿيندڙ نقصانن کي سمورن عالمي فورمز تي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسپيڪر چيو ته ??وس??ياتي تبديلي هڪ عالمي مسئلو آهي. ??وس??ياتي تبديلين جي عالمي مسئلي جي مناسب ۽ وقت سر حل جي لا??ِ عالمي حمايت ۽ تعاون جي ضرورت آهي. پاڪستان کي هن وقت سڀ کان وڏو چئلينج ٻوڏ کان متاثر عوام جي صحت ۽ بحالي آهي. آءِ پي يو ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ روزمره جي زندگي جي بحالي ۽ چئلينج تي ضابطو آڻڻ ۾ پاڪستان جي مدد ڪري. پاڪستان ان آفت جو مقابلو ڪري رهيو آهي پر عالمي برادري جي ڀرپور حمايت کانسواءِ نقصان جو ازالو ممڪن نه آهي. آءِ پي يو جي صدر طوفاني برساتن ۽ فلڊ جي نتيجي ۾ پاڪستاني عوام جي پريشانين جي ازالي لا??ِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ چيو ته پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ تي ايشيا پيسفڪ خطي جو ٽيون آءِ پي يو جو علائقائي سيمينار منعقد ڪرڻ ۾ اسپيڪر جي گهري دلچسپي ساراهه جوڳي آهي. هن چيو ته ايشيا پيسفڪ جو ٻن ڏينهن وارو سيمينار ملڪ جي ٻوڏ سٽيلن جي بحالي لا??ِ اهم اڳڀرائي ثابت ٿيندو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي، واپار ۽ سياحت ۾ پارلياماني فرينڊشپ گروپس جي ذريعي باقاعده مٽاسٽا ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ۽ چيو ته خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لا??ِ پارلياماني سفارتڪاري انتهائي اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.