اسلام آباد -05 سيپٽمبر (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير عبد??لق??در پٽيل چيو آهي، ته ٻوڏ متاثرن کي طبي سهولتن جي فراهمي لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا پيا وڃن، بلوچس??ان ۽ سنڌ ۾ هيلٿ ڪيمپس قائم ڪيا ويا آهن. صحت واري وزارت طرفان ??اري بيان ۾ هن چيو ته ٻوڏ جي هنگامي صورتحال ۾ هيلٿ ڪيمپن مان ماڻهن کي رليف ملندو. هن چيو ته لسٻيلا سميت بلوچس??ان ۽ سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ هيلٿ ڪيمپون ڪم شروع ڪري چڪيون آهن. هن چيو ته سنڌ جي 7 ضلعن قمبر شهدادڪوٽ، دادو، نوشهرو فيرو??، سانگهڙ، مٽياري ۽ بدين ۾ پڻ هيلٿ ڪيمپ لڳايا ويا آهن. هن چيو ته هيلٿ ڪيمپن ۾ دوائن سميت فري صحت سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته ٻوڏ متاثرن کي طبي سهولتن جي فراهمي لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا پيا وڃن. وفاقي وزير چيو ته سنڌ ۽ بلوچس??ان ۾ ٻوڏ جي نتيجي ۾ وڏي تباهي ٿي آهي، اسان ڏک ۽ مصيبت جي هن گهڙي ۾ عوام سان گڏ آهيون.