اسلام آباد – 11 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم 14 آگسٽ تي مڪمل ري رڪارڊ قومي تراني جي شروعات ڪندو، پاڪستان جي 75 هين سالگرهه تي سمورا پاڪستاني پرجوش آهن، ا??ان پنهنجي قومي هيروز، قومي ثقافت ۽ قومي ورثي کي اجاگر ڪنداسين، اطلاعات واري وزارت جي اهتمام هيٺ پاڪستان جي سالگرهه قومي جذبي ??ان ملهائي پئي وڃي. اها ڳالهه هن ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز جي اهتمام هيٺ ڊيجيٽل فوٽوگرافي نمائش جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي اطلاعات واري وزارت جي اهتمام هيٺ مختلف تقريبن جو شيڊيول جوڙيو ويو آهي. هن سال 75 هين سالگرهه جي موقعي تي قومي تراني جي نئين سر رڪارڊنگ مڪمل ڪئي وئ?? آهي جنهن جو پرومو اڄ جاري ڪيو ويندو. هن چيو ته 1954ع ۾ قومي ترانو پهريون ڀيرو رڪارڊ ٿيو هو، ان کانپوءِ ان ۾ جدت آندي ويندي رهي. هن چيو ته نئين سر رڪارڊ قومي ترانو پاڪستان جي ڪنڊڪڙڇ مان آرٽسٽن گڏجي ڳايو آهي. هن ٻڌايو ته قومي تراني جي رڪارڊنگ جو ڪم 2017ع ۾ شروع ٿيو هو، گذريل حڪومت ۾ به ان تي ڪم جاري رهيو، گذريل چئن مهينن کان ان تي ا??ان ڪم ڪري رهيا آهيون، هي هڪ اهڙو منصوبو آهي جنهن تي ا??ان سڀني کي فخر آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم 14 آگسٽ تي نئين سر رڪارڊ ڪيل قومي ترانو قومي جهنڊو ڦڙڪائڻ جي تقريب ۾ رليز ڪندو. هن چيو ته پاڪستان جي 60 سيڪڙو آبادي 30 سالن کان گهٽ عمر نوجوانن تي ٻڌل آهي، هن ڀيري پاڪستان جي 75 هين سالگرهه ملهائڻ ۾ نوجوانن سميت هر پاڪستاني پرجوش آهي. ڪافي ٽيبل بڪ جي ڊيجيٽل لانچ جي حوالي ??ان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته ڪافي ٽيبل بڪ ۾ پاڪستان جي ثقافت کي اجاگر ڪيو ويو آهي، ڪو به شخص ڪافي ٽيبل بڪ کي پنهنجي موبائيل تي ڊائون ??وڊ ڪري ڏسي سگهي ٿو. هن چيو ته ڪافي ٽيبل بڪ کي ڪيو آر ڪوڊ ??ان لنڪ ڪيو ويو آهي، موبائيل فون جي ذريعي ڪيو آر کي اسڪين ڪري ڪافي ٽيبل بڪ کي ڏسي سگهجي ٿو. مريم اورنگزيب چيو ته پاڪستان جي 75 هين سالگرهه تي ا??ان پنهنجي قومي هيروز، قومي ثقافت ۽ قومي ورثي کي اجاگر ڪنداسين. هن عوام کي اپيل ڪئي ته اها ان ڏينهن پاڪستان ٽيليويزن ضرور ڏسي، قومي چينل تي پاڪستان ڪهاڻي جي نالي ??ان مختلف سيريز پيش ڪيون ??يون ??ڃن، انهن سيريز ۾ ملڪي تاريخ کي بيان ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ريڊيو پاڪستان ۽ پي ٽي وي تي اهي سموريون اسٽوريز ٻارن ۽ نوجوانن جي لا??ِ پيش ڪيون ??يون ??ڃن جن ۾ پاڪستان قائم ڪرڻ جي لا??ِ ڏني ويندڙ قربانين جو ذڪر آهي. هن چيو ته پاڪستان جي 75 هين سالگرهه جي حوالي ??ان روزانو جون سرگرميون ??ي ٽي وي تي ٽيليڪاسٽ ڪيون ??يون ??ڃن، 75 سالا تقريبن ۾ پاڪستان جي اندر ٽيڪنالاجي، ماس ٽرانزٽ، ڪنيڪٽيويٽي، پاڪستان هڪ ائٽمي قوت جي حوالي ??ان سمورين شين کي اجاگر ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان جي 75 سالا تقريبن جي حوالي ??ان سوشل ميڊيا تي پڻ مهم جار?? آهي. هن چيو ته ملڪي ترقي جي لا??ِ ا??ان هر ڏينهن سرگرمين کي اجاگر ڪري رهيا آهيون. اطلاعات واري وفاقي وزير ڊيجيٽل تصويري نمائش منعقد ڪرڻ کي ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز کي مبارڪباد پيش ڪئي. واضح رهي ته نمائش جو انعقاد ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز پاران ڪيو ويو هو. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سميت اطلاعات واري وزارت جا اعليٰ عملدار پڻ تقريب ۾ موجود هئا جن ڊيجيٽل تصويري نمائش جو جائزو ورتو. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي وزير ڪافي ٽيبل بڪ جو پڻ افتتاح ڪيو. تقريب ۾ پاڪستان جي آزادي جي حوالي ??ان دستاويزي فلم پڻ ڏيکاري وئي.