اسلام آباد – 10 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چ??و آهي ته آءِ ايم ايف جي سخت شرطن جي باوجود موجوده حڪومت اهڙي بجيٽ ڏني آهي جيڪا ملڪ ۾ اهڙي طرح جو استحڪام آڻيندي جهڙي طرح 2018ع ۾ پ??ڪس??ان معاشي طور تي مستحڪم هو. پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته بج??ٽ ۾ زراعت جي شعبي جي لاءِ تاريخي اعلان ڪ??ا ويا آهن، ان کي زيرو ٽيڪس انڊسٽري قرار ڏنو و??و آهي. هن چيو ته زراعت جي شعبي ۾ مراعتن سان نه رڳو زرعي شعبي کي سگهه ملندي پر زرعي پيداوار ۾ پڻ اضافو ٿيندو. زرعي اوزارن تي زيرو ڪسٽم ڊيوٽي ۽ سيلز ٽيڪس هوندو، پ??ڪس??ان جي تاريخ ۾ زرعي شعبي کي اهڙي طرح جي ٽيڪس ڇوٽ اڳ ۾ ڪڏهن ناهي ڏني وئي. هن چيو ته اسان جي سوچ آهي ته معاشي استحڪام رڳو زراعت جي ذريعي اچي سگهي ٿو. هن چيو ته آءِ ٽي شعبي ۾ ڏني ويندڙ مراعتن سان آءِ ٽي ايڪسپورٽس کي فروغ ملندو. هن چيو ته فوڊ سيڪيورٽي جي شعبي ۾ به تاريخي اعلان ڪ??ا ويا آهن، بج??ٽ ۾ نوجوانن جي لاءِ خصوصي قدم تجويز ڪيا ويا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته آءِ ايم ايف جي سخت شرطن جي باوجود انڪم ٽيڪس جي حد 6 لک رپين مان وڌائي 12 لک رپيا ڪئي وئي آهي، 12 لک رپين تائين آمدني وارن ماڻهن کي ڪنهن به قسم جو ڪو ٽيڪس نه ڏيڻو پوندو. هن چيو ته بج??ٽ ۾ فلم انڊسٽري جي لاءِ پڻ تاريخي اعلان ڪ??ا ويا آهن، ملڪ جا نوجوان وڌ کان وڌ فلم پروڊڪشن جي اندر پنهنجي ثقافت ۽ ڪلچر کي پروموٽ ڪري سگهندا، ان قدم سان نه رڳو پ??ڪس??ان جي ڪلچر ۽ سياحت کي فروغ ملندو پر عالمي سطح تي پ??ڪس??ان جو مثبت تشخص پڻ بحال ٿيندو. هن چيو ته پهريون ڀيرو فلم انڊسٽري کي مڪمل طور تي ٽيڪس ڇوٽ ڏني وئي آهي، آرٽسٽن جي لاءِ پهريون ڀيرو ميڊيڪل انشورنس متعارف ڪرائي وئي جڏهن ته فلم پروڊيوسرز جي لاءِ مراعتون ڏنيون ويون آهن. هن چيو ته گذريل 35 سالن کان سئنيما گهر بلڪل بند ٿي ويا هئا، ڪيترن ئي مشهور سئنيما گهرن جي جڳهه شادي هال ۽ پيٽرول پمپ ٺهي ويا، ملڪي ثقافت ۽ ڪلچر کي فروغ ڏيڻ جا ذريعا تقريبن ختم ٿي ويا هئا. هن چيو ته هڪ نااهل اچي وڏي دعويٰ ڪري ره??و آهي ته اسان واڌويجهه جي شرح 5 سيڪڙو تي کڻي آياسين. هن چيو ته اسان اهڙي بجيٽ ڏني آهي جيڪا ملڪ جي اندر معاشي بدحالي کي ختم ڪري معاشي استحڪام آنيندي. اطلاعات واري وفاقي وزي چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ايندي ئي پينشن ۾ 10 سيڪڙو اضافو ڪيو هو ۽ ان جي اندر وڌيڪ 5 سيڪڙو جو اضافو ڪيو و??و آهي.