اسلام آباد – 03 – جون (اي ??ي پي) وزيراع??م شهباز شريف چيو آهي ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اسان جون ڪاميابيون مثالي آهن جنهن جو دنيا ڀرپور اعتراف ڪري ٿي، پاڪستان ج?? هٿياربند فوج امن، داخلي ۽ خارجي س??امتي ۽ علائقائي استحڪام جي ضامن آهي، عالمي امن ڪوششن ۾ پڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هو ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا جي دوري جي موقعي تي خطاب ڪري رهيو هو. پاڪ فوج جي عوامي لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا جو دورو ڪيو ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي. بعد ۾ وزيراع??م شهباز شريف ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪورس 2021 / 2022 ۾ شرڪت ڪندڙ آفيسرن کي خطاب ڪيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي وزيراع??م شهباز شريف پاڪستان ج?? هٿياربند فوج جي ڪاميابين ۽ قربانين کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اسان جون ڪاميابيون بي مثال آهن جنهن جو سڄي دنيا ڀرپور اعتراف ڪري ٿي. هٿياربند فوج قدرتي آفتن دوران قوم جي خدمت ۾ سدائين ساراهه جوڳو ڪم ڪيو آهي. وزيراع??م شهباز شريف چيو ته پاڪستان ج?? هٿياربند انتهائي اهم رياستي ادارو آهي ۽ قوم جو فخر آهي. وزيراعظم زور ڏنو ته ملڪ جو دفاع مقدس آهي، پاڪستان جي س??امتي، خودمختياري ۽ سالميت کي هر صورت يقيني بڻايو ويندو. وزيراعظم چيو ته اسان جي آزادي هيروز ۽ شهيدن جي عظيم قربانين جي مرهون منت آهي.