اسلام آباد – 04 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي حڪومت موبائيل فون صارفين جي تحفظ لاءِ وڏو قدم کڻندي صارفين کي اڻوڻندڙ اي?? ايم ايس بلاڪ ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ پاليسي ٺاهڻ جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي. پي ٽي آءِ صارفين جي ڊيٽا جي رازداري جي قانونن جو فوري ج??ئز?? وٺندي جڏهن ته وزيراعظم چيو ته صارفين جي پرائيويسي شهرين جو بنيادي آئيني حق آهي، حڪومت ان جي خلاف ورزي جي اجازت نه ڏيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم جي اسٽريٽجڪ ريفارمز واري صلاحڪار سلمان صوفي پي ٽي اي چيئرمين کان موبائيل فون صارفين جي ڊيٽا جي تحفظ ۽ مارڪيٽرز پاران موڪليل اڻوڻندڙ ميسيجن جي حوالي سان مشاورت ڪئي جنهن ۾ شهرين کي ??اپسنديده اي?? ايم ايس بلاڪ ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جي فوري پاليسي ٺاهڻ تي اتفاق ڪيو ويو، خصوصي معاون وزيراعظم جي پي ٽي اي جي صارفين کي ??وڪيل مارڪيٽرز جي اڻوڻندڙ اي?? ايم ايس سان گڏوگڏ شهرين جي رازداري جي قانونن جي فوري ج??ئز?? جي هدايتن کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته شهرين جي پرائيويسي هڪ آئيني حق آهي ۽ وزيراعظم ان ڳالهه کي ??قيني بڻائڻ چاهي ٿو ته انهن جي خلاف ورزي نه ٿئي. پي ٽي اي چيئرمين وزيراعظم اسٽريٽجڪ ريفارمز يونٽ کي ان سلسلي ۾ ٿيندڙ قدمن تي جلد بريف ڪندو، ان سلسلي ۾ ڄاڻايل قدمن ۾ صارف بنا اجازت جي ملندڙ ميسيج موڪليندڙ ڪمپني کي رپورٽ ڪري سگهجندو شامل آهي، وڌيڪ صارف کي اهو حق حاصل هوندو ته هو ڪنهن به ميسيج موڪليندڙ ڪمپني کي ??يسيج موڪلڻ کان منع ڪري سگهندو، جنهن تي عملدرآمد ڪمپني تي لازمي هوندو، ان کانسواءِ ڪمپني صارف جي ڊيٽا ان جي مرضي کانسواءِ ڪنهن ٻي ڪمپني کي ??ه ڏيڻ جي پابند هوندي.