ڪراچي – 20 – مئي (اي پي پي) و??ير??عظم شهباز شريف جهاز سازي، انجنيئر??گ، سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ ۽ ٽرانسپورٽ سميت سمورن شعبن ۾ پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ تعاون کي ساراهيو آهي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب و??ير??عظم شهباز شريف سان ترڪيءَ جي قومي دفاع واري وزير بلوسي اڪار وفد جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. و??ير??عظم سمو??ن عالمي فورمن تي ڪشمير مسئلي تي پاڪستاني موقف جي حمايت تي ترڪيءَ جي حڪومت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا. و??ير??عظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ترڪيءَ جي مهارت ۽ تجربي مان هر ممڪن فائدو کنيو وڃي. هن ترڪيءَ جي حڪومت ۽ عوام جوا سچي دل سان ٿورا مڃيا ته انهن پاڪستان ۾ ڪراچي شپ يارڊ جهڙن مضبوط ادارن جي ترقي ۾ مدد ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو جيڪو ترڪيءَ جي حمايت جي ڪري ڪيترن ئي سالن ۾ منافعو ڪمائيندڙ اداري ۾ تبديل ٿي چڪو آهي. دفاعي پيداوار وارو وفاقي وزر اسرا?? ترين، پاڻي وسيلن وارو وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه، چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل امجد خان نيازي، و??ير??عظم جو اسٽريٽجڪ اينڊ پوليٽيڪل ڪميونيڪشن بابت خاص معاون سيد فهد حسين ۽ ٻيا لاڳاپيل سينيئر آفيسر پڻ ان موقعي تي موجود هئا.