اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز ش??يف سان وڪيل اڳواڻن جي وفد اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، قانون وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اٽارني ??نرل اشتر اوصاف پڻ موجود هئا جڏهن ته وڪيل اڳواڻن جي وفد ۾ سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيش?? جو صدر احسن ڀون، پاڪستان با?? ڪائونسل جو سربراهه حفيظ الرحمان، لاهور هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيش?? جو صدر اڪبر ڊوگر، پنجاب با?? ڪائونسل جو سربراهه جعفر طيار، اسلام آباد با?? ڪائونسل جو سربراهه قمر سبزواري، سيد قلب حسن، امجد شاهه، مسعود چشتي، عابد ساقي ۽ ٻيا شامل هئا. وزيراعظم وڪيل برادري جي سينيئر چونڊيل اڳواڻن جي حڪومت تي اعتماد جا ٿورا مڃيندي چيو ته وڪيل ملڪ جو عظيم اثاثو آهن. حڪومت وڪيلن جي پيشيواراڻي معاملن کي سرانجام ڏيڻ ۾ هر ممڪن تعاون ڪندي. وزيراعظم قانون واري وفاقي وزير کي هدايت ڪئي ته وڪيل پروٽيڪشن ايڪٽ ۽ با?? ڪائونسل ايڪٽ ۾ ترميمن تي فوري ڪم شروع ڪيو وڃي. وڪيل اڳواڻن وزيراعظم شهباز ش??يف کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته وڪيل برادري جمهور?? ادارن جي مضبوطي جي لاءِ ڪردار ادا ڪندي آئي آهي ۽ اڳتي به ڪندي. وڪيل اڳواڻن آئيني ??حران جي حل ۾ عدليه جي ڪردار کي ساراهيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته حڪومت عوام جي اميدن موجب معيشت کي سنڀالي وٺندي.