اسلام آباد – 25 – مئي (اي پ?? پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود سان ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم جي سالياني اجلاس جي موقعي تي ملا??ات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ملا??ات ۾ مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير شري رحمان موجود هيون. پرڏيهي وزير خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان کي سندس دور انديش قيادت ۾ سعودي عرب کي ترقي جي نئين بلندين کي حاصل ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. ملا??ات دوران ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن گذريل مهيني جده ۾ ٿيندڙ پنهنجي پ??رين ڳالهه ٻولهه جو زڪر ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهترين ٻطرفي حصيداري تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ان حصيداري کي گڏيل فائدي لاءِ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو، ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفي لاڳاپن جي مختلف رخن جو جائزو ورتو ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ تاريخي ۽ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي وقت جي ڪسوٽي تي پ??را لٿا آهن، هن سعودي عرب جي پاڪستان جي مسلسل حمايت ۽ ڪشمير ڪاز تي ان جي مستقل يڪجهتي کي ساراهيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن سعودي عرب – پاڪستان لاڳاپن جي تزويراتي اهميت ۽ معيشت، واپار ۽ سيڙپڪاري سميت سمورن شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو، ٻنهي پرڏيهي وزيرن عالمي مسئلن تي ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ نظريات جي هڪجهڙائي جو ذڪر ڪندي او آءِ سي پ??يٽ فارم سميت اسرندڙ ملڪن جي وچ ۾ تعاون ۽ هم آهنگي ??ي بهتر بڻائڻ لاءِ گڏيل طور تي رستا ڳولڻ تي اتفاق ڪيو.