اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آه?? ته حڪومت سڀني اتحادين سان گڏجي عوام جي ڀلائي لاءِ ايجنڊا کي پڄاڻي تائين پهچائڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن بلوچستان نيشنل پارٽي جي سينئر اڳواڻن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. جنهن ساڻس ملا??ات ڪئي. وفد ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وزير آغا حسن بلوچ، توانائي وارو مملڪتي وزير محمد هاشم نوتزئي، سينيٽر محمد قا??م رانجو ۽ بي اين پي جو جنرل سيڪريٽري جهانزيب حسين شامل آهن. ملا??ات ۾ مجموعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بي اين پي جي وفد پاران حڪومتي پاليسين جي مڪمل تائيد جو اظهار ڪيو ويو. ملا??ات ۾ وزيراعظم چيو ته حڪومت سڀني اتحادي سان گڏجي عوام جي ڀلائي جي ايجنڊا کي پڄاڻي لاءِ رات ڏينهن محنت ڪري رهي آهي.