اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي معاملن وا??ي مملڪتي وزير حنا رباني کر سان پاڪستان ۾ پولينڊ جي سفير ميڪيج پسارسڪي ۽ سوئيڊن جي سفير هنرڪ پر??ن پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ يوڪرين لاءِ عالمي ڊونرز ڪانفرنس جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ٿي. پرڏيهي معاملن وا??ي مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو ته پاڪستان سمورن اتفراتفري وارن علائقن ۾ شهرين کي انساني بنيادن تي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ پر??زم آهي. هن چيو ته ان ڏس ۾ اسان گذريل مهيني هنگامي طور تي امدادي سامان جا ٻه ج??از روانا ڪيا آهن.