اسلام آباد – 29 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان رمضان المبارڪ جي مقدس مه??ني ۾ جمعته الوداع جي موقعي تي مسجد اقصيٰ تي اسرائيلي فورسز جي حملي جي شد??د مذمت ڪئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي بي گناهه فلسط??ني نمازي زخمي ٿيا، پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب هڪ بيان ۾ چيو ويو ته گذريل ٻن هفتن جي دوران مسجد اقصيٰ تي اسرائيلي حملن ۾ تقريبن 300 فلسط??ني زخمي ٿي چڪا آهن جيڪي قابل مذمت آهي، ترجمان چيو ته فسلطينين جي خلاف اسرائيلي قابض فوج پاران طاقت جو انڌا ڌنڌ استعمال سموري انساني اصولن ۽ انساني حقن جي قانونن جي خلاف ورزي آهي، فلسطينين تي اهڙا حملا اسلامي مقدس ماڳن کي پائمال ڪن ٿا، هن چيو ته پاڪستان عالمي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته هو اسرائيلي خلاف ورزين جي خاتمي لاءِ فوري قدم کڻي جيڪي خطي ۾ تشدد، ڇڪتاڻ ۽ عدم استحڪام کي هوا ڏئي رهيا آهن ۽ پوري مسلمان دنيا جي لاءِ شديد ڳڻتي جو سبب آه??، ترجمان چيو ته اسان فلسط??ني عوام ۽ فلسط??ني ڪاز لاءِ پنهنجي حمايت جو ورجاءُ ڪريون ٿا، جيڪي سدائين پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو هڪ مقرر اصول رهيو آهي، ترجمان پاڪستان جو اهو مطالبو ورجايو ته اسان 1967 کان پهرين جي سرحدن س??ن هڪ قابل عمل، خودمختيار ۽ فلسط??ني رياست لاءِ پنهنجي مطالبي جي تجديد ڪريون ٿا جنهن جو گادي وارو شهر القدس الشريف هوندو، اهو مسئلو فلسطين جو واحد، جامع ۽ پائيدار حل آهي جنهن جو اظهار گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي ڪيترن ئي قراردادن ۾ به ڪيو ويو آهي.